
بياض ضياء الدين ٺٽوي (قلمي)
بياض ضياء الدين ٺٽوي (قلمي): هي بياض ٺٽي جي نامور شاعر ۽ عالم ضياء الدين ٺٽوي ضياء جو آهي جنهن ۾ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل آهي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام پڻ هن بياض ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ ورد و وظائف پڻ لکيل آهي. بياض خط نستعليق ۽ خط شڪستہ ۾ لکيل آهي. هن بياض جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
’نقل براد ديدار فياض آثار حضرت امير المومنين
علي ولي ﷲ صلواة ﷲ عليہ در شب
اربعه يعني شب چهار شنبه اول غسل...‘
اختتام محتشم ڪاشاني جي دوازده بند مرثيہ تي ٿئي ٿو پر آخري بند مڪمل نہ آهي:
’خاموش محتشم که ازين شعر خونچکان
مرغ هوا و ماهي دريا کباب شد.‘
70 صفحن تي مشتمل هي قلمي بياض ضياء الدين جو ئي ڪتابت ٿيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.