بوندي

بُوندِي: هڪ قسم جي مِٺائي، نُختي. ڳوهيل پٽڙي بيسڻ کي ڇاڻيءَ ۾ وجهي، تَئي جي مٿان جهليندا تہ ڇاڻيءَ مان بيسڻ جا قطرا ڇڻي تتل تيل واري ڪڻاهيءَ ۾ پوندا ۽ اُهي پچڻ کان پوءِ چاش ۾ ٻوڙيندا تہ بُوندي ٺھي پوندي، جنهن کي ”نختي“ بہ چون. بوندي انهيءَ ڪري نالو ڏنائونس جو ’بُوند‘ تئيءَ ۾ پوي ٿي ۽ نختيءَ جو مطلب بہ ساڳيو آهي. يعني نقطن وانگر ڇڻي پوندڙ مٺائي.


لفظ بونديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو