بولان درياھہ: هيءُ هڪ قديم درياھہ آهي. 91- 1890ع ۾ اها ثابتي ملي ٿي تہ ماضيءَ ۾ اهو هڪ وڏو درياءُ هو، جيڪا بہ شيءِ اُن جي وهڪري جي سامهون ايندي هئي، ان کي لوڙهي ڇڏيندو هو. ڪتاب ”نوٽس آن افغانستان“ ۾ اهڙو ذڪر موجود آهي. هيءَ ان زماني کان ٿورو اڳ جي ڳالھہ آهي، جڏهن اتان ريل بند وڇائڻ لاءِ ويچار ٿي رهيو هو.