بوستان

بوستانُ: هن جي مخفف صورت ’بستان‘ بہ آهي. هيءُ لفظ فارسي زبان جو آهي، جيڪو ميويدار وڻن جي باغ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. شيخ سعدي شيرازي تقريباً 580ھہ/ 1184ع تي ايران جي شھر شيراز ۾ ڄائو. سندس ٻہ تصنيفون ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ تمام گهڻيون مشھور آهن. سعدي شيرازي بوستان 655 ھہ مطابق 1257ع ۽ گلستان 656 ھہ/ 1258ع ۾ تصنيف ڪيون. اخلاقي موضوعن تي مشتمل هي ٻئي ڪتاب اڄ بہ جڳ مشھور ڪتاب آهن. ”گلستان سعدي“ بنيادي طرح نثر ۾ ۽ ”بوستان سعدي“ نظم ۾ آهي. انهيءَ ڪتاب جي ڪلاسيڪي حيثيت جي ڪري، اُهو ايران، هندستان ۽ وچ ايشيا جي نصاب ۾ شامل رهيو آهي. هن ڪتاب جا سنڌيءَ، پنجابيءَ ۽ بنگاليءَ ۾ بہ ترجما ٿيا آهن. تقريباً دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ هن ڪتاب جا ترجما ڪيا ويا آهن.


لفظ بوستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0580.00.00  هجري

بوستانُ: هن جي مخفف صورت ’ بستان ‘ به آهي . هيءُ لفظ فارسي زبان جو آهي ، جيڪو ميويدار وڻن جي باغ لاءِ استعمال ٿيندو آهي . شيخ سعدي شيرازي تقريباً 580هه/ 1184ع تي ايران جي شهر شيراز ۾ ڄائو .


1184.00.00  عيسوي

بوستانُ: هن جي مخفف صورت ’ بستان ‘ به آهي . هيءُ لفظ فارسي زبان جو آهي ، جيڪو ميويدار وڻن جي باغ لاءِ استعمال ٿيندو آهي . شيخ سعدي شيرازي تقريباً 580هه/ 1184ع تي ايران جي شهر شيراز ۾ ڄائو .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بو علي قلندر
منصور ثاني سچل سرمست
انتخاب سنڌي ڪلام سچل سرمست
تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ
روح رهاڻ 2
تنويرالايمان في تفسيرالقرآن
سامي ساگر بوند ۾
سرمست13
سنڌوءَ ڪناري1
اصل وڏي ڪٿا سري ست نام نارائڻ جي
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون