بني اسرائيل

بَني اِسرائيل: اسرائيل جو اولاد. ”اسرائيل“ حضرت يعقوب بن اسحاق بن ابراهيم عليہ السلام جو عبراني لقب آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ايل جو برگزيده بندو“. (’ال‘ يا ’اِيل‘ عبرانيءَ ۾ باري تعاليٰ جو نالو آهي ۽ ’اِسر‘ جي معنيٰ عبد يا برگزيدو آهي). حضرت ابراهيم جو اهو خاندان، جيڪو ان جي پوٽي يعقوب بن اسحاق مان هو، اهو بنو اسرائيل چوائيندو آهي، انهيءَ ڪري يهودي ۽ بني اسرائيل نسل جا قديم ترين خاندان، اسرائيلي چوائيندا آهن، ڇوته حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي انهن ڏانهن ئي رسول ڪري موڪليو ويو هو. قرآن ڪريم ۾ وري وري چيو ويو آهي تہ بني اسرائيل کي ﷲ تعاليٰ پنهنجن خاص انعامن سان نوازيو هو، مثلاً (1) بني اسرائيل مصر ۾ فرعونن جي غلاميءَ ۾ ذلت ۽ اذيت واري زندگي گذاري رهيا هئا. انهن جي ڇوڪرن کي ذبح ڪري ۽ ڇوڪرين کي زندھہ رکيو ويندو هو. ﷲ تعاليٰ حضرت موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ کين نجات ڏياري؛ (2) جڏهن اسرائيلي مصر مان ڀڄي نڪتا تہ ﷲ تعاليٰ جي حڪم سان حضرت موسيٰ جي لٺ سان سمنڊ کين رستو ڏنو ۽ سندن دشمن فرعون سندن اکين اڳيان لشڪر سميت سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو؛ (3) حضرت موسيٰ اعتڪاف لاءِ، چاليهن راتين لاءِ ”جبل طور“ تي ويو تہ بني اسرائيل سندس غيرحاضريءَ ۾، گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني، مگر ﷲ تعاليٰ پنهنجو ڪرم ڪري کين معافي ڏني؛ (4) بني اسرائيل تي چوٿون انعام ﷲ تعاليٰ اهو ڪيو، جو مٿن ”تورات“ سندن رهنمائيءَ ۽ هدايت جو سرچشمو بنائي نازل ڪيو؛ (5) بني اسرائيل ضد ڪيو تہ خدا کي پنهنجين اکين سان ڏسڻ گهرون ٿا، حضرت موسيٰ منجهائن ستر سردار چونڊي طورِسينا تي وٺي ويو، جتي نور جي هڪڙي ڪڪر حضرت موسيٰ کي گهيري ورتو ۽ ﷲ تعاليٰ سان سندس هم ڪلامي ٿي، پر سردارن ڪلام ٻڌڻ کان انڪار ڪري بي حجاب خدا کي ڏسڻ جو ضد ڪيو، تڏهن ﷲ تعاليٰ کين اُن بيوقوفيءَ واري ضد تي سزا ڏني، جو برق جي لھر مٿن ڪڙڪي ۽ هو بيجان ٿي ڪري پيا، ليڪن ﷲ تعاليٰ کين ٻيو ڀيرو زندھہ ڪيو؛ (6) بني اسرائيل جزيري سينا ۾ پهچي حضرت موسيٰ کان پاڻيءَ جو مطالبو ڪيو، حضرت موسيٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻيءَ جي دعا ڪئي. حڪم ٿيو تہ فلاڻيءَ ڇپ تي لٺ هڻ، جنهن تي اُتان پاڻيءَ جا 12 چشما ڦُٽي نڪتا؛ (7) ﷲ تعاليٰ بني اسرائيل تي ڪڪر موڪليا تہ کين اُس کان محفوظ رکن. ان سان گڏ کاڌي لاءِ ”من وسلويٰ“ بہ نازل ڪيا.
بني اسرائيل کان ﷲ تعاليٰ پنجن ڳالهين جو واعدو ورتو: (1) فقط ﷲ جي عبادت ڪرڻ، (2) والدين، مائٽن، يتيمن ۽ مسڪينن سان نيڪي ڪرڻ، (3) ماڻهن سان اخلاق سان ڳالهائڻ، (4) نماز قائم ڪرڻ ۽ (5) زڪواة ادا ڪرڻ. ليڪن بني اسرائيل انهن مان ڪنهن بہ واعدي تي قائم نہ رهيا. بني اسرائيل، حضرت موسيٰ جي وفات کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ عزت ۽ اقتدار کان محروم ٿي ويا. پوءِ پنھنجي نبي حضرت دائود کي عرض ڪيائون تہ اسان جو بادشاھہ مقرر ڪريو تہ اسين ان جي اڳواڻيءَ ۾ ظالم بادشاھہ جالوت کان پنهنجو حق واپس وٺي سگهون. نبي سڳوري، طالوت کي سندن بادشاھہ مقرر ڪيو، جالوت سان مقابلو ڪيائون. کين فتح حاصل ٿي ۽ حضرت دائود جي هٿان جالوت قتل ٿي ويو. ان کان پوءِ حضرت سليمان جي عھد ۾ بني اسرائيل کي شان شوڪت نصيب ٿي، جيڪا ڪيترن ئي نسلن تائين قائم رهڻ کان پوءِ بُخت نصر جي هٿان کسجي وين. حضرت يعقوب عليہ السلام کي ٻارهن پٽ هئا. ان ڪري اُهي اڳتي هلي ٻارهن قبيلن ۾ ورهائجي ويا. انهن مان حضرت دائود عليہ السلام جو پٽ حضرت سليمان عليہ السلام فلسطين جو مشھور حاڪم ۽ پيغمبر هو. سندس وفات کان پوءِ بني اسرائيل ورهائجي ويا ۽ مختلف هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪيائون، جيڪا ٻي مهاڀاري لڙائيءَ تائين جاري رهي. تان جو هنن فلسطين ۾ 5 مئي 1948ع تي اسرائيلي حڪومت قائم ڪئي ۽ اڃا تائين فلسطين جو مسئلو جهيڙي جو شڪار آهي، جنهن بابت ڪيتريون ئي عالمي سطح تي گڏجاڻيون بہ ٿيون آهن ۽ عربن ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ جنگيون بہ لڳيون آهن.


لفظ بني اسرائيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.05.05  عيسوي

فلسطين ۾ 5 مئي 1948ع تي اسرائيلي حڪومت قائم ڪئي ۽ اڃا تائين فلسطين جو مسئلو جهيڙي جو شڪار آهي ،



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پينگهو2
اُما ديوي
امام بارگاھہ
تابِعينِ
اصحابي جي قبر
رُڪمڻي
برهما
ڏيول ديوي
جامع مسجد پير ذاڪري
پِڙائي خوجا
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون