بندرابن

بندرا بن/ برندابَن: ڀارت جي اولھہ ۾ اترپرديش جو هڪ علائقو ۽ آبادي. هندن جي روايت موجب شري ڪرشن مهراج پنھنجي جواني هتي گذاري هئي، تنهن ڪري ڪرشن مهراج جي پوڄا پاٺ، سوانح ۽ ڪارنامن ۾ ”برندابن“ جو ذڪر ضرور ٿيندو رهندو آهي. ”برندا بن“ کي عرف عام ۾ ”بندرا بن“ بہ چوندا آهن. سنڌيءَ ۾ اُن کي ”وندر وڻ“ بہ چيو وڃي ٿو .


لفظ بندرابنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو