بلوچ ناصر

بلوچ ناصر: ناصر بلوچ ڪراچيءَ جو رهاڪو پ پ پ جو ڪارڪن پاڪستان اسٽيل مل جو ملازم هو. 1983ع واري ايم. آر. ڊي جي تحريڪ واري زماني ۾ هو سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد هو. تڏهن سندس سنڌ جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ٿيون. هن کي مرتضيٰ ڀٽي سان گڏ 2 مارچ 1981ع تي ڪراچيءَ کان پشاور ويندڙ پي آءِ اي جي بوئنگ 737 کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾، خاص فوجي عدالت 4 نومبر 1984ع تي سزا ٻڌائي ۽ کيس 4 مارچ 1985ع تي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. ناصر بلوچ ۽ سندس ڀاڻيجي عيسيٰ بلوچ تي الزام هو تہ هنن ٻنهي جھاز تائين هٿيارن پهچائڻ ۾ مدد ڪئي هئي. هن جھاز جي اغوا جو الزام ’الذوالفقار‘ تنظيم تي مڙهيو ويو هو. ناصر بلوچ سان گڏ هن ڪيس ۾ سيف ﷲ لاشاري، ايوب ملڪ، عيسيٰ بلوچ بہ شامل هئا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.03.04  عيسوي

نناصر بلوچ کي 4 مارچ 1985ع تي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پونم پاسڪل پرمار
صدر پاڪستان
پاڻيڻي
جشن واسواڻي دادا
در محمد اوستو
راجا سونيه
خير شاھہ 2
حڪيم محمد صادق مورائي قاضي
تاج محمد رضائي
سارتر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون