بلوچ قبرستان

بلوچ قبرستان: چؤڪنڊيءَ کان اتر ۾ هڪ ٻيو قبرستان، ”بلوچن جو قبرستان“ جي نالي سان سڏبو آهي، جيڪو 17 ۽ 18 صديءَ جو آهي. هن قبرستان ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ رستو مراد ميمڻ ڳوٺ (ملير) کان وڃي ٿو. ٻيو رستو سپر هاءِ وي کان پنج ڇھہ ڪلو ميٽر پرڀرو ٿيندو. قبرستان، دنبا ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ٿڌي نئن جي ڪنڌيءَ تي آهي. هتي ڪن قبرن جي اوچائي 11 فوٽن تائين آهي. قبرستان ۾ ڪرمتين جي سردار، ملڪ طوطا خان جي قبر بہ آهي .


لفظ بلوچ قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو