بلال رضي ﷲ عنه

بلال رضي ﷲ عنه: بلال رضي ﷲ عنہ اصحابي هو. سندس پورو نالو بلال بن رباح هو ۽ نسلاً حبشي هو. بلال رضي ﷲ عنہ 581ع ڌاري ”سراته“ (مڪي شريف) ۾ ڄائو. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مسلمان ٿيو. اميه بن خلف وٽ غلام هو. حضرت ابوبڪر رضہ رقم ڏيئي کيس آزاد ڪرايو. بلال رضہ سدائين حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن سان گڏ هوندو هو ۽ سمورين جنگين ۾ شرڪت ڪيائين. جڏهن نماز کان اڳ ۾ اذان جو طريقو رائج ٿيو تہ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن حضرت بلال رضہ کي ٻانگو مقرر ڪيو. سندس آواز ۾ ڏاڍو درد سمايل هو. حضرت بلال رضہ ﷲ عنه غلاميءَ واري دؤر ۾ ڏاڍيون سختيون سٺيون؛ مٿس ظلم جي انتها ڪئي وئي، پر سدائين صبر جي واٽ تي هلندو رهيو ۽ ان جو نتيجو اهو مليس، جو کيس پهرئين ٻانگي جو اعزاز نصيب ٿيو. حضرت ﷲ عنه'>بلال رضي ﷲ عنه 60 ورهين جي ڄمار ۾ 641ع ڌاري دمشق شھر ۾ وفات ڪئي .


لفظ بلال رضي ﷲ عنهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0581.00.00  عيسوي

حضرت بلال رضي الله عنہ 581ع ڌاري سراته (مڪي شريف) ۾ ڄائو.


0641.00.00  عيسوي

حضرت بلال رضي الله عنه 641ع ڌاري دمشق شهر ۾ وفات ڪئي.



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جنم اشٽمي
رام رامچندر
تسبيح
ايسٽر
ڀولي ناٿ شو شنڪر مندر
جامعہ راشديه
امام بارگاھہ
جامع مسجد محمدپور اوڍو
ذوالجناح
جامعہ غوثيه رضويه
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون