بقراط

بقراط

بقراط

بقراط: بقراط يونان جو مشھور ڏاهو ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي، جيڪو 469 ق. م ۾ يونان جي ڪوس جزيري ۾ پيدا ٿيو. کيس حڪمت جو ابو ڪوٺيو ويندو آهي. بقراط حڪمت جي تعليم حاصل ڪري حڪمت جو ئي پيشو اختيار ڪيو. هو تعويذ ۽ منتر وغيرہ جي سخت خلاف هو. هن ثابت ڪيو تہ هر مرض جا ڪارڻ قدرتي هوندا آهن ۽ انهن جو علاج دوائن سان ئي ممڪن آهي، نہ ڪي تعويذن ۽ منترن سان. هن بيمارين جا ڪارڻ ڳولي لڌا. سندس خيال موجب بيمارين جا ٻہ ڪارڻ آهن: هڪ موسمي ۽ ٻيو غلط خوراڪ جو استعمال. هو غذا کي دوائن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. سندس خيال هو تہ غذا جو صحيح استعمال بيمارين کان دور ڪري ٿو. هن جا ڪيترائي شاگرد هئا. هو انهن کان قسم نامو وٺندو هو ۽ کين ڊاڪٽري جي ڊگري ڏيندو هو. طب بابت سندس لکيل تحريرون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. هن جا مضمون ترجمو ڪري لوب لائبرريءَ ۾ رکيا ويا آهن. ڪن يونيورسٽين ۾ تعليم پوري ڪري ويندڙ شاگردن کان ’بقراطي قسم نامو‘ کڻايو ويندو آهي. بقراط رومي سمنڊ جو سفر ڪيو. هن ڪيترائي شھر گهميا ۽ جتي بہ ويو، اتي طب جي تعليم جو رواج وڌائين. سندس لکيتون اڄ بہ اهميت واريون آهن. هن 377 ق. م ۾ وفات ڪئي .


لفظ بقراطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0469.00.00  قبلِ مسيح

بقراط، 469 ق. م ۾ يونان جي ڪوس جزيري ۾ پيدا ٿيو.


0377.00.00  قبلِ مسيح

بقراط، 377 ق. م ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالعزيز ميمڻ مولانا
ايسر خدمتگذار
ڀوڄراج چانڊو مل موٽواڻي
ذوالفقار مرزا
اي جي چانڊيو
سوهارتو Suharto
عبدالحق شيخ 2
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري
چغدي بيگ
گل محمد جکراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون