بقار ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سانگهڙ ضلعي ۾ مکيءَ جي ڍنڍن جي سلسلي ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. علائقي ۾ هڪ پراڻي ڳوٺ جو نالو آهي. جنهن تان هن ڍنڍ تي نالو پيو آهي .
هيءَ ڍنڍ مکيءَ جي سمورن ڍنڍن ۾ نمايان آهي، بلڪہ مکيءَ جي سمورن ڍنڍن جي دل آهي. مکيءَ جي ڍنڍن ۾ مڇيءَ جي واپار جي حوالي سان بہ هن ڍنڍ جي اهميت ٻين ڍنڍن کان وڌيڪ آهي ۽ چوندا آهن تہ مکيءَ کان وڌيڪ بقار ڍنڍ جي مڇي تمام ذائقي ۽ لذت واري هوندي آهي. هن ڍنڍ جي ويڪر ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ ڊيگهہ پنج ڪلوميٽر کن ٿيندي. سياري جي مند ۾ هت مختلف قسمن جا ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي جام لھن ۽ تن جو شڪار پڻ ٿئي ٿو .