بطليموس

بَطلِيمُوس: مشھور يوناني/ مصري هيئت دان ۽ جاگرافيءَ جو ماهر، جنهن جي نظرين تي مشتمل ڪتاب ”المجسطي“، جو دنيا جي مشھور ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. هيءُ تقريباً 85ع ۾ ڄائو ۽ 167ع ۾ گذاري ويو. ”ڪوپرنيڪس“ جي وقت تائين هيئت ۽ جاگرافيءَ تي سندس ڪتاب مستند ليکيا ويندا هئا، ليڪن ڪوپرنيڪس جي پيش ڪيل آسماني نظام، بطليموس جي نظرين کي رد ڪري ڇڏيو، ڇو تہ سندس نظام ۾ ڌرتيءَ کي ساڪن مرڪز تصور ڪيو ويو هو، جنهن جي چوڌاريءَ سج چنڊ ۽ ٻيا سيارا گردش ڪندا هئا .


لفظ بطليموسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0085.00.00  عيسوي

بطليموس 85ع ڌاري ڄائو.


0167.00.00  عيسوي

بطليموس 167ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاچڙ حاجي خان
سيد غلام حيدر شاھ
سيد سردار علي شاھہ
غلام عمر عباسي شھيد
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
بيبي نوتڪاڻي ٻلين واري
حافظ ابراهيم
پير عالي
جامي مولانا عبدالرحمان
جلم بن شيبان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون