بصرالدين سيوهاڻي حڪيم

بصرالدين سيوهاڻي، حڪيم: حڪيم بصرالدين قاضي احمد صديقيءَ جو پُٽ هو ۽ 1863ع ڌاري سيوهڻ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم کان پوءِ قانون جي سَنَدَ وٺي، سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو، پر کيس ملازمت راس نہ آئي. کيس سنڌي، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ تي دسترس هئي. انگريز سامراج سان نفرت هئڻ سبب عام وهنوار ۾ انگريزي نہ ڳالهائيندو هو. کيس تاريخ ۽ سياست تي وڏو درڪ هو. ڪجهہ وقت گوشه نشينيءَ ۾ بہ گذاريائين. گهڻو وقت ذڪر ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو .
حڪيم بصر الدين نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي واري حڪمت جي ڌنڌي کي اختيار ڪيو. وٽس پنھنجي ڏاڏي مخدوم متوفيءَ جا ڪيترا قلمي ڪتاب موجود هئا، جن ۾ معالجات ۽ مجربات بابت وڏي ڄاڻ هئي. مخدوم بصرالدين جي حڪمت جي هاڪ ٻُڌي، سڄيءَ سنڌ مان ماڻهو کانئس علاج ڪرائيندا هئا. هو حڪمت، علمِ جفر، رمل، نجوم، ڪيميا، معقولات ۽ فلسفي جو ڄاڻو هو. 11 جنوري 1938ع تي وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.00.00  عيسوي

حڪيم بصرالدين 1863ع ڌاري سيوهڻ ۾ ڄائو.


1938.01.11  عيسوي

حڪيم بصرالدين سيوهاڻيءَ 11 جنوري 1938ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي علي بخش ڊاڪٽر
تاجل بيوس
افتخار محمد چوڌري جسٽس
اقرا عزيز
عبدالله عرف ميان موريو
اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
قيصر خان نظاماڻي
پرِيڊي ايڇ ڊبليو
راڻو اجمال
سيد ناز لطيفي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون