فقير بشير احمد لغاري

فقير بشير احمد لغاري

بشير احمد لغاري فقير

بشير احمد لغاري، فقير: محقق فقير بشير احمد لغاري، 4 فيبروري 1945ع تي تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ غلام علي لغاري (دونهائو شريف) ۾ فقير عبدالله لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ديني تعليم ڳوٺ جي مدرسي مان ۽ دنيوي تعليم مقامي اسڪولن مان حاصل ڪئي. سندس ادب ڏانهن لاڙو والد صاحب جا گڏ ڪيل ڪتاب پڙهڻ سان ٿيو. اڳتي هلي هن ڳوٺ ۾ عوامي لائبرريءَ جو بنياد وڌو، جنهن جو افتتاح 1966ع ۾ پير پاڳاري شاھہ مردان شاھہ (ثاني) ڪيو هو. هن وقت ان لائبرريءَ ۾ پنج هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب ۽ ناياب قلمي نسخا ۽ مختلف دورن جا سڪا، تلوارون، ڍالون، گز ڪمان ۽ قديم آثارن سان ملندڙ پٿر ۽ ٻيون نشانيون محفوظ ڪيل آهن. هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام علي الانا، معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، عبدالجبار جوڻيجي، عبدالله ورياھہ ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي ڪم پڻ ڪيو آهي. کيس 88-1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر پاران ٿر ۾ رهندڙ بلوچ قبيلن بابت تحقيق جو ڪم سونپيو ويو هو. ان ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ هن ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي تحقيق ڪئي. هن 1992ع ۾ ‘ٿر سيمينار’ ۾ ‘ٿر جو مختصر تعارف’ عنوان سان مقالو پڙهيو، جيڪو عبدالقادر منگيءَ جي ڪتاب ‘ٿر’ ۾ شامل آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي ماڳن مڪانن تي سندس ڪيترا تحقيقي مضمون ‘نئين زندگي ’ ۽ ‘نئون نياپو’ سميت مختلف رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن خليفي نبي بخش قاسم ۽ نواب ولي محمد لغاريءَ سميت ٻين ڪيترين علمي ادبي شخصيتن ۽ شاعرن تي تحقيقي مقالا لکيا آهن. هن پراڻ درياھہ تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. پاڻ پنھنجي لائبرريءَ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان هر آچر جي ڏينهن تي ڪچهري ڪوٺائيندو آهي. هن وقت اباڻي ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ تحقيقي ڪم جاري رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.02.04  عيسوي

محقق فقير بشير احمد لغاري، 4 فيبروري 1945ع تي تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ غلام علي لغاري (دونهائو شريف) ۾ فقير عبدالله لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گلو فقير مياڻو
علي نواز استاد
آتمارام لعلواڻي
رام سنگهہ سوڍو
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
رضيہ سلطانہ
تانسو چلر
جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
پيرزادو ميان عبدالرحمان
امجدي بانو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون