
بشير احمد ”بشير“
بشير احمد ”بشير“: شاعر، راڳي ۽ سگهڙ بشير احمد ٻگهيو تخلص ”بشير“، 18 ڊسمبر 1947ع تي ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ ڄائو. شاعريءَ جي سکيا نظر سنڌيءَ، پير ضياء خياروي ۽ الحاج مولانا رحيم بخش قمر لاکي کان حاصل ڪئي. هي شھيد بينظير آباد جي مختلف ادبي تنظيمن سان گڏ سنڌي ادبي سنگت وغيرہ جو سٺو ڪارڪن رهيو، ان کانسواءِ لوڪ ادب جي تنظيم ’سنڌي ادبي لوڪ ڪچھري‘ (سالڪ) جو بنياد وڌو. مشھور ڊي. سي (ايڇ. ايم. خواجہ) هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري استاد طور ملازمت ڪئي. برک تعليمي ماهر ايڇ. ايم خواجہ جي زندگيءَ تي ”ايڇ. ايم خواجہ“ جي نالي سان هڪ ڪتاب بہ لکيو. 18 جولائي 2008ع تي وفات ڪئي.