بشير احمد انصاري ڊاڪٽر

بشير احمد انصاري، ڊاڪٽر: ٻارن جي مشھور ڊاڪٽر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر بشير احمد انصاريءَ، 4 جون 1963ع تي هالا نوان، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمريءَ کان انٽر تائين تعليم هالا نوان جي درسگاهن مان حاصل ڪئي. 1989ع ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. بي. بي. ايس ۽ 1992ع ۾ ساڳيءَ ئي يونيورسٽيءَ مان ڊي. ايس. ايڇ ڪيائين. هيءُ ٻارن جي بيمارين ۾ مهارت رکي ٿو. 1996ع ۾ سول اسپتال سانگهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر، 1996ع کان 2000ع تائين لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشوري جي ٻارن جي وارڊ جو رجسٽرار ۽ ڀٽائي اسپتال لطيف آباد ۾ ٻارن جي شعبي جو ميڊيڪل آفيسر رهيو آهي. هن جو ٻارن جي بيمارين تي لکيل هڪ ڪتاب ’ٻارن جون بيماريون‘ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ٻارن جي مختلف بيمارين تي 39 مضمون شامل آهن، جن بيمارين جو حل بہ ڏنل آهي. سندس هي ڪتاب ميڊيڪل ۾ پرهندڙ شاگردن، نرسنگ اسٽاف ۽ صحت جي شعبي سان تعلق رکندڙن جي معلومات لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ڪتاب آهي. ڊاڪٽر بشير احمد انصاري هالا نوان ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.06.04  عيسوي

ٻارن جي مشهور ڊاڪٽر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر بشير احمد انصاريءَ، 4 جون 1963ع تي هالا نوان، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز سمون
رمضان ساريو
خوبسنگهہ ديوان
فيروز پتافي
جوڻيجو مائي ڪالر
پير شاھہ ڪوثر
ٿانور ڀٽي
امام بخش شر
ضياء محي الدين
سيد نويد قمر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون