بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي

بسنت ڪمار ’تياڳي‘ رائچنداڻي: شاعر ۽ اديب بنست ڪُمار ’تياڳيءَ‘ رائچنداڻي 27 مارچ 1940ع تي، تعلقي موري (ضلعي نوشھري فيروز) جي ڳوٺ ’سونھان‘ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ، ستن سالن جي عمر ۾ ڀوپال ۾ وڃي آباد ٿيو. جتي انٽر (آرٽس) تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس ڪيترا ئي ليک مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’بوندون ٿيون برسن‘ (1972ع)، شايع ٿيل آهي. هن وقت بئرا ڳڙھہ، ڀوپال ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.03.27  عيسوي

بسنت ڪمار رائچنداڻي 27 مارچ 1940ع تي تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب علي مسافر شيخ
حڪيم غلام محمد عرشي
امين ٿيٻو
اظھر علي ٻانڀڻ
راهي ڍولڻ
عيسو ميون
تبسم عبدالغفار ڀٽي
محمد حسين شوقي ٺٽوي
اوڌوداس
سيد گل حسن شاھہ مجذوب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون