بُسرِي: ڳُڙ واري ماني، ڳُڙهاري، جيڪا پوءِ ڪثرت سان استعمال جي ڪري ”ڳرُهاڙيءَ“ جي تلفظ ۾ بدلجي وئي آهي. اُها ماني، جنهن جي وچ ۾ ڳُڙ جو تھہ ڏيئي پچائجي. کائڻ وقت مٿان چڱيءَ طرح گيھہ وجهي کائيندا آهن. شاديءَ جي هڪ رسم موجب نکيٽيءَ کان پوءِ صبح جو نيرن تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي کارائيندا آهن، اُن کي بُسرِي بہ چون. ڪنواريتن پاران، نڪاح کان اڳ، گهوٽ ۽ اُن جي دوستن ۽ مٽن مائٽن جي، ڪيل مانيءَ کي بہ بُسري چئبو آهي .