برڪت علي خان

برڪت علي خان

برڪت علي خان

برڪت علي خان: استاد ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو باني فنڪار هو. متحدہ هندستان ۾ ٺمري انگ ۾ غزل ڳائڻ جو سلسلو استاد برڪت علي خان کان شروع ٿيو. پاڻ قصور ۾ سال 1910ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق پٽياله گهراڻي سان هو. پاڻ علي بخش خان جو پٽ ۽ استاد بڙي غلام علي خان جو ننڍو ڀاءُ هو .
استاد برڪت علي خان راڳداريءَ ۾ ابتدا پڪي راڳ ڳائڻ سان ڪئي. سندس پرسوز آواز هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ لاءِ وڌيڪ موزون هجڻ ڪري استاد پاڻ کي ٺمري، دادرا، ڪافي، غزل ۽ گيت ڳائڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. پاڻ پنھنجي پيءُ علي بخش خان جو شاگرد هو. 40 واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ سندس غزل ۽ هلڪي ڦلڪي گائڪيءَ جي شھرت ديسان ديس پهچي چڪي هئي. چراغ حسرت جي شاعريءَ ۾ سندس ڳايل هڪ اردو ماهيي ۾ عجيب قسم جي تڙپ ۽ پڪار آهي .
باغون مين پڙي جهولي، هم تم ڪو نهين بهولي “
استاد برڪت علي خان شادي ڪانہ ڪئي، سندس انتقال لاهور ۾ سال 1963ع ۾ ٿيو.کيس لاهور ۾ دفن ڪيو ويو. سندس شاگردن ۾ علي بخش، ظھور ۽ غلام علي ڪافي مشھور آهن .


لفظ برڪت علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.00.00  عيسوي

برڪت علي خان، قصور ۾ سال 1910ع ۾ پيدا ٿيو.


1963.00.00  عيسوي

برڪت علي خان جي وفات لاهور ۾ سال 1963ع ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي رضا سھتو قاضي
راءِ کنگهار
حڪيم غلام مرتضيٰ شاھہ
گل محمد ڪلھوڙو
ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
راڄن شاھہ ماٽائي
درويش عيسيٰ دشتي
ديبلي ابو محمد حسن بن حامد
تيجورام شرما
علي محمد فقير صوفي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون