برينڇ

برينڇ: برينڇ، گاھہ جو هڪ قسم آهي، جيڪو سنڌ اندر عام ملي ٿو. هيءُ ڀٽن جي لاهين ۽ دڙن جي ڪپن تي ٿيندو آهي. پاڙَ کان ڪيتريون ئي تيليون ٿي جهڳٽي وانگر بيهندو آهي. ڪچڙو ۽ سائو هوندو آهي تہ ٻڪريون ۽ ڍڳيون وڏي چاھہ سان کائينديون آهن. هن ٻوٽي جي تيلين مان ٻھارا بہ ٺاهيندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو