بِروهي: پاڪستان جي قلات ڊويزن (جيڪا اڳ قلات رياست سڏبي هئي) جي رهاڪن کي سڏجي ٿو. سندن ٻولي بروهي آهي، (ڏسو براهوي ٻولي) هي ٽيھہ کان وڌيڪ قبيلن تي ٻڌل آهن. جيئن تہ ”بروهي“ جي لفظي معنيٰ جابلو ماڻهو آهي ان ڪري ڪجهہ ماهر کين اهو نالو علائقي جي نسبت سان بہ ڏين ٿا. اڪثر مورخن انهن کي ڪرد، ايراني گوجر، ترڪ، منگول ۽ بلوچ سڏيو آهي. گرئرسن مطابق جيئن تہ انهن جي ٻولي دراوڙي آهي ان ڪري ٿي سگهي ٿو تہ هي اتان جا اصلوڪا باشندا يعني دراوڙ هجن. انهن قبيلن ۾ رئيساڻي، مينگل، شاهواڻي، رند، بزنجو، ديناري ۽ زهري شامل آهن .
بروهين جي معاشرتي تنظيم طبقن واري آهي. سڀ کان پهرين خاندان (پرا) آهي جنهن جو سربراھہ آمر وانگر ڪُل اختيار رکندڙ هوندو آهي. جنهن بعد خاندان گڏجي برادري ٺاهيندا آهن. ائين برادرين جي اڳواڻ کي ٺڪر چيو ويندو آهي ۽ ان بعد سردار هوندو آهي .
ڪن تاريخ دانن موجب بروهي معاشرو 9 اصولن تي ٻڌل آهي. (1) انتقام وٺڻ، (2) پناھہ وٺندڙ جي حفاظت ڪرڻ، (3) امانت داري، (4) مهمان نوازي، (5) عورت يا ٻار کي مارڻ کان پاسو ڪرڻ، (6) ڏوهاري کي قبيلي جي عورت جي سفارش تي معاف ڪرڻ، (7) ڪنهن بزرگ جي مزار تي ڪنهن کي نہ مارڻ وغيرہ. هن نظام ۾ عورت جي توقير خاص ڳالھہ آهي .
اسلام کان اڳ بروهين جو مذهب مظاهر پرستي هو. جنهن ۾ باھہ کي پوڄڻ بہ شامل هو. جڏهن منگولن جون ڪاهون عروج تي هيون تہ بروهين پاڻ کي هڪ ”مير“ جي هٿ هيٺ متحد ڪيو. پهريون مير ميرو قمبراڻي هو. جنهن نہ رڳو قبائلي تنظيم ۽ دستور برقرار رکيو بلڪہ لڙائي ڪري ڪجهہ علائقا بہ هٿ ڪيا. ان وقت کان وٺي 1626 تائين بروهين جي تاريخ ڏاڍي منجهيل رهي آهي. ان دور جا چار مير مشھور آهن. ميرو، عمر، بجار ۽ حسن. اهي ئي ماڻهو رياست قلات ٺاهڻ وارا آهن .
1666ع کان مير احمد خان پهرئين جي اڳواڻي ۾ قلات رياست جو ٻيو مستحڪم دور شروع ٿيو. مير نصير خان پهرئين (1749-1704) جي دور ۾ اها رياست پنھنجي عروج تي هئي. ان خاني نظام کي فروغ ڏنو. جنهن ۾ مير جي ماتحت چند خان هوندا هئا. جيڪي ڪيترن ئي قبيلن تي حڪمراني ڪندا هئا .
1817ع ۾ بلوچستان تي انگريزن جو قبضو ٿيڻ شروع ٿيو تہ محراب خان (ٻيو) بروهين جو پهريون شھيد بڻيو. انگريزن قلات تي قبضو ڪرڻ چاهيو پر عوام جي مخالفت هميشہ آڏي آئي. بهرحال مير محمود خان ٻئي جي دور تائين انگريزي راڄ هن علائقي تي ڇانئجي ويو. 1917ع ۾ سر شمس شاه مير محمود خان وزيراعظم ٿيو. سندس خلاف سردار محمد خان گرگناڙي، سردار محمد خان زرڪ زئي، سردار نوزالدين مينگل ۽ سردار سلطان محمد بغاوت ڪئي. ڊسمبر 1917ع ۾ انگريزن نورالدين مينگل کي گرفتار ڪيو تہ بظاهر اها تحريڪ ختم ٿي ويئي. ڪجهہ عرصي بعد وري ان ۾ تيزي آئي. انگريزن مجبور ٿي نورالدين مينگل کي آزاد ڪيو. 1933ع کان مير احمد يار خان رياست جو خان ٿيو. ۽ پاڪستان ٺھڻ بعد هن علائقي کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو .
بروهي قبيلي جا ماڻهو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آباد آهن، جن مان ڪيترن ئي شخصيتن ادب، سياست ۽ ٻين شعبن ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. جن ۾ اي. ڪي بروهي، علي احمد بروهي، حليم بروهي ۽ جوهر بروهي وغيرہ جا نالا سر فهرست آهن .