برهان پور

برهان پور

برهان پور

بُرهان پور: برهان پور، ڀارت جي مڌيه پرديش جو مشھور شھر آهي، جيڪو تاپتي درياھہ جي اُترئين ڪناري تي آباد آهي. شھر جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي، باقي رڳو درياھہ جا تڙ ٺهيل آهن. ڪوٽ کي وڏا در ۽ دريون آهن. اهو ڪوٽ نظام الملڪ آصف جاه اول 1141ھہ/ 1728ع ۾ ٺهرايو هو. ڪوٽ ۾ اندر آيل شھر جي ايراضي اڍائي ميل آهي، پر شھر جا آثار ڪوٽ کان ٻاهر بہ ميلن تائين پکڙيل آهن. گذريل دور ۾ لشڪري لحاظ سان هن شھر کي وڏي اهميت حاصل هئي. 969ھہ/ 1561ع ۾ بيرم خان جي هڪڙي سردار پير محمد شيروانيءَ هن شھر کي تباھہ ۽ برباد ڪري، شهرين جو قتل عام ڪيو ۽ بي انتها دولت ڦري لُٽي. سال 1010ھہ/1601ع ۾ شهنشاھہ اڪبر هن شھر کي مغليه سلطنت سان ملائي ڇڏيو .
برهان پور جو سنڌ سان گهاٽو سنٻنڌ رهيو آهي. ڏهين صدي هجريءَ ۾ جڏهن ڄام فيروز جي جاھہ پسند طبيعت سبب، شاھہ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو تہ هر طرف تباهي پکڙجي وئي؛ قتل، غارت گري، فتنن ۽ فسادن سبب ماڻهن لڏڻ شروع ڪيو. عام ماڻهن کان سواءِ ان دؤر جا بزرگ، عالم ۽ مشائخ بہ پنهنجين خانقاهن ۽ ديني درسگاهن ۾ اعليٰ علم جي درس تدريس ۽ صوفياڻي تعليم ۾ خلل پوڻ سبب لڏپلاڻ تي مجبور ٿي پيا. سنڌ مان لڏي ويندڙ بزرگن جي اڪثريت برهان پور ۾ وڃي آباد ٿي ۽ اهي هميشہ لاءِ برهان پور جا رهاڪو ٿي ويا. هتي هيءُ سوال پيدا ٿو ٿئي تہ آخر برهان پور جهڙي گمنام علائقي ۾ ڪهڙي جاذبيت هئي، جو پري پري جي بزرگن هن شھر کي پنھنجي وطن جو نعم البدل ڄاتو؟ ان سوال جي جواب لاءِ ان دؤر جي ماحول جو جائزو وٺڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ ارغونن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا اثر سنڌ کان ٻاهر بہ پيا. مالوه، گجرات ۽ دکن وغيرہ بہ ان دؤر ۾ خانہ جنگين ۾ گهيريل هئا؛ جيتوڻيڪ برهان پور بہ ان کان آجو نہ هو، پر بدامنيءَ جو مرڪز ڪونه هو، ان کان علاوہ اتي جا حاڪم فاروقي سلطان هئا، جيڪي حنفي مسلڪ سان لاڳاپيل، علم پروريءَ ۽ مشائخ نوازيءَ سبب مشھور هئا. اهوئي سبب هو جو مختلف بزرگ برهان پور ڏانهن لڏي وڃڻ لڳا. خود بادشاھہ ڪجهہ ايلچي موڪلي، عالمن، بزرگن ۽ صوفين کي پاڻ ڏانهن گهرايو ۽ علم دوست طبقي جي تمام گهڻي پذيرائي ڪئي. سنڌ جي بزرگن جو برهان پور ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جو هڪ ٻيو خاص سبب بہ هو ۽ حقيقي سبب اهوئي هو، جڏهن ڏهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ شيخ عيسيٰ جندالله ۽ سندس چاچو شيخ طاهر محدث، پاٽ (ضلعي دادوءَ) مان لڏي برهان پور پهتا ۽ سندن وطن جي نسبت سان، سندن سڪونت وارو علائقو ’سنڌي پوره‘ جي نالي سان مشھور ٿيو تہ سنڌ مان ڪيترائي بزرگ برهان پور جي انهيءَ پاڙي ۾ وڃي ويٺا، ان طرح ’سنڌي پوره‘ وارو پاڙو مشھور ۽ معروف ٿي ويو. جڏهن اهو پاڙو وسيع ٿيو تہ ان سان گڏ هڪ ٻيو پاڙو بہ آباد ٿيو. انهيءَ ٻئي پاڙي ۾ ٺٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهو اچي آباد ٿيا ۽ پنھنجي وطن جي نسبت سان ’ٺٽائي‘ سڏائڻ لڳا. انهن برهان پور ۾ پنھنجي وطن جي صنعت، قومي دستڪاريءَ، ڪپڙن رڱڻ ۽ ڇُر واري ڪم کي روزگار جو ذريعو بنايو. انهن جا پويان اڄ تائين اهو ڪاروبار ڪن ٿا ۽ اڄ بہ ٺٽائي سڏبا آهن. برهان پور جي ٺٽائين جو اهو ڪاروبارو ايتري قدر مقبول ٿيو، جو ولايت مان مشينن ذريعي ڇپيل ڇيٽ ۽ رنگين ڪپڙا بازار ۾ اچڻ کان پوءِ بہ انهن جي دستڪاريءَ کي انفراديت ۽ مقبوليت حاصل هئي. برهان پور لڏي ويندڙ سنڌي بزرگن ۾ پاٽ جو صديقي خاندان اڪثريت ۾ هو. پاٽ جي سرزمين علمي حوالي سان مردم خيز رهي آهي، جن بزرگن پاٽ مان لڏي برهان پور وڃي آباد ڪيو، انهن اتي پنهنجون خانقاهون کولي، علم ۽ فضل جو سلسلو جاري رکيو. برهان پور لڏي ويندڙ سنڌي بزرگن ۾ شيخ عيسيٰ جندالله (جنهن کي مسيح الاولياءُ سڏيو ويندو آهي)، شيخ طاهر محدث، قاسم بن شيخ يوسف سنڌي، بن عمر سنڌي'>شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي، قاضي عبدالسلام سنڌي، شيخ موسيٰ بوبڪائي، ملا محب علي سنڌي، حڪيم عثمان بوبڪائي، سيد ابراهيم بکري، شيخ مبارڪ سنڌي، شيخ اسحاق قلندر سنڌي، شطاري سنڌي'>شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي وغيرہ جا نالا سرفهرست آهن. برهان پور ۾ اڄ بہ انهن بزرگن جون مزارون، خانقاهون، علم ۽ فضل جا چشما ۽ ٻيا آثار يادگار آهن. برهان پور جو ’سنڌي پوره‘ وارو علائقو صديون گذرڻ کان پوءِ اڄ بہ انهن بزرگن جي يادگيري ڏياري ٿو. سنڌ جو ناميارو اديب عثمان علي انصاري ۽ ٽيليويزن جي نامور فنڪارہ غزاله رفيق، هڪ اهڙي سنڌي خاندان منجهان هئا، جيڪو ’برهان پور‘ مان ويجهي ماضيءَ ۾ واپس اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو هو. آئينہ اڪبريءَ ۾ ڄاڻايل آهي تہ برهانپور جو بزرگ ’لاڏجيو‘ سنڌي ڪافيون چوندو هو، ان حوالي سان سنڌي ڪافيءَ جي قدامت جو حوالو بہ هن شھر سان وابستہ آهي .
اردوءَ جي اديبن ۽ عالمن مان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جو اصل تعلق بہ برهانپور سان آهي. هن سنڌ يونيورسٽي مان اردو ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ اردو ادب جي تاريخ مفصل ٻن جلدن ۾ لکي آهي. جيڪا دراصل سندس ٿيسز آهي .


لفظ برهان پورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو