
جهنڊو

بادشاهه ۽ راڻيون

پل جو نظارو

راڻي ايلزبيٿ II
برطانيا: برطانيا، گريٽ برٽين (Great Britain) کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ انگلنڊ، ويلس آئرلئنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ شامل آهن. برطانيا کي دنيا جي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ان جا قديم رهاڪو بلڪل غيرمهذب هوندا هئا. تقريباً 2300 ق. م ۾ اسپين جي آئيبريا نسل جا ماڻهو برطانيا ۾ داخل ٿيا، تنهن کان پوءِ جلد ئي اسپين جو ٻيو گهراڻو ڪيلٽ برطانيا ۾ داخل ٿيو. هي ٻئي نسل گڏجي ڏکڻ برطانيا ۾ رهڻ لڳا ۽ پاڻ کي Britons (برطانوي) سڏائڻ لڳا. جڏهن فرانس جي گال ۽ روم جي وچ ۾ جنگ لڳي، تڏهن برطانوين، گال جي مدد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ روم جو بادشاھہ جوليس سيزر، برطانوين کي سزا ڏيڻ لاءِ 55 ق. م ۾ برطانيا تي حملو ڪري واپس هليو ويو. ان کان پوءِ روم جي هڪ ٻئي بادشاھہ ڪلام ڊيس 43ع ۾ برطانيا کي فتح ڪري روم ملڪ جو هڪ صوبو بنائي ڇڏيو. رومين برطانيا تي 35 سال حڪومت ڪئي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن جرمنيءَ جي ڪجهہ قبيلن رومي سلطنت تي حملو ڪيو، تڏهن رومين برطانيا مان پنھنجي فوج واپس گهرائي. 449ع ۾ جرمنيءَ جي ٽن قبيلن ائنگل، سيڪسن ۽ جيوٽ ڏکڻ برطانيا تي حملو ڪري اتي مستقل طور رهائش اختيار ڪئي. جرمنيءَ جي انهن ٽنهي قبيلن برطانيا ۾ سلطنت جو بنياد وڌو ۽ هڪٻئي کان فوقيت حاصل ڪرڻ لاءِ نسلي جنگيون شروع ڪري ڏنيون. آخرڪار وليسڪس جنگ کٽي. 597ع تائين سڄي برطانيا عيسائي ٿي وئي. اٺين صدي عيسويءَ ۾ وليسڪس جي بادشاھہ الفريڊ، ڊينون کي شڪست ڏني، جنهن ڪري هن کي الفريڊ اعظم سڏڻ لڳا. الفريڊ جي مرڻ کان چند سال پوءِ ايٿلرڊ جي دور ۾ وري ڊينون نسل جي ماڻهن برطانيا تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ايٿلرڊ برطانيا ۾ رهندڙ ڊينون نسل جي ماڻهن کي مارڻ جو حڪم ڏنو. سوئين شاھہ ڊينمارڪ، ڊينون نسل جي ماڻهن جو انتقام وٺڻ لاءِ 994ع ۾ برطانيا تي حملو ڪيو. ايٿلرڊ فرانس ڀڄي ويو. هڪ سال کان پوءِ سوئين مري ويو ۽ ان جو پٽ ڪينوٽ بادشاھہ ٿيو. ڪينوٽ قابل ۽ عدل پسند بادشاھہ هو. هن برطانيا جي انتظام هلائڻ لاءِ برطانيا کي چئن وڏن صوبن ۾ تقسيم ڪيو، ۽ هر صوبي جو هڪ ولي عھد مقرر ڪيو. 1035ع ۾ ڪينوٽ مري ويو ۽ ان جي ٻن پٽن هيرالڊ ۽ هارڊي ڪينوٽ گڏوگڏ ملڪ تي بادشاهي ڪئي. جنهن کان پوءِ جلد ئي انگريزن ايٿلرڊ جي پٽ ايڊورڊ نائب کي پنهنجو بادشاھہ مقرر ڪيو. وليم وڪٽر (1154- 1066ع) جنهن کي ”نارمن بادشاھہ“ چيو وڃي ٿو، ان جي دور ۾ ٻہ بغاوتون ٿيون، جيڪي جلد ئي ختم ٿي ويون. وليم وڪٽر برطانيا ۾ جاگيرداري نظام قائم ڪيو. ان کان سواءِ وليم ڪليسا کي بہ پنھنجي تابع ڪيو. وليم وڪٽر کان پوءِ ان جا ٻہ پٽ بادشاھہ بنيا، جن مان هينري اول (1135- 1100ع) تمام مشھور ٿي گذريو آهي. برطانيا ۾ نارمن بادشاھہ کان پوءِ پلانٽاجينسٽ بادشاھہ جو دؤر شروع ٿئي ٿو، جنهن جو پهريون بادشاھہ هينري ٻيو (1189- 1154ع) ٿيو. هن جي دؤر ۾ برطانيا جي حڪومت تمام وسيع علائقي تائين پکڙجي وئي، جنهن ۾ فرانس جو گهڻو حصو بہ شامل هو. هينري ٻيو هڪ طاقتور بادشاھہ هو. هن برطانيا جي جاگيرداري نظام کي نقصان پهچائڻ لاءِ تمام سخت قانون ٺاهيا. هينري ٻئي جي وفات کان پوءِ ان جي جانشين رچرڊ اول (1199- 1189ع) کي برطانيا جو بادشاھہ مقرر ڪيو ويو. هن کان پوءِ برطانيا ۾ اقتدار جو انتشار پکڙجي ويو، جنهن ڪري هن دؤر ۾ فرانس پنهنجو گهڻو حصو برطانيا کان آزاد ڪرايو. هن دؤر ۾ برطانيا اندر ڪيتريون ئي نسلي جنگيون لڳيون. 1399ع ۾ هينري لئنڪاسٽر، رچرڊ کي شڪست ڏئي لئنڪاسٽر خاندان جي بادشاهت جو بنياد وڌو. لئنڪاسٽر خاندان برطانيا تي تمام سٺو وقت حڪمراني ڪئي. هيءُ خاندان صلح پسند ۽ مضبوط طاقت وارو هو. هن خاندان جي مشھور بادشاهن ۾ هينري چوٿون (1413- 1999ع)، هينري پنجون (1426- 1413ع) ۽ هينري ڇهون (1461- 1433ع) مشھور آهن. هن خاندان جي هينري ڇهين کي ايڊورڊ شڪست ڏني ۽ برطانيا ۾ يارڪ خاندان جي بادشاهيءَ جو بنياد وڌو. هن خاندان، لئنڪاسٽر خاندان جون ملڪيتون ضبط ڪيون ۽ واپارين تي تمام ڳرا ٽئڪس لاڳو ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ برطانيا حڪومت خوشحال ٿي وئي. هن خاندان جي مشھور بادشاهن ۾ ايڊورڊ چوٿون (1483- 1461ع) ۽ ايڊورڊ پنجون (1483ع) سرفهرست آهن. هينري ٽيوڊر، رچرڊ ٽئين کي شڪست ڏيئي، ٽيوڊر خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو. هينري ستين (1509- 1485ع) ايڊورڊ چوٿين جي ڌيءُ ايلزبيٿ سان شادي ڪئي، جنهنڪري لئنڪاسٽر ۽ يارڪ خاندان هڪ ٿي ويا. هن خاندان مختلف بادشاهن سان خانداني تعلقات قائم ڪيا تہ جيئن برطانيا جي سلطنت کي بچائي سگهجي. هن خاندان جي مشھور بادشاهن ۾ هينري ستون ۽ هينري اٺون، جنهن پوپ جي اجازت سان پنھنجي بيواھہ ڀاڄائيءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ پوءِ هن کي طلاق ڏيئي، ڇھہ شاديون ڪيون هيون. هينري اٺين کان پوءِ ان جي پٽ ايڊورڊ ڇهين (1554- 1527ع) کي بادشاھہ مقرر ڪيو ويو، جيڪو ننڍيءَ عمر جو هو، جنهن ڪري حڪومت جو ڪاروبار هن جي مامي ڊيوڪ آف سمرسٽ جي سنڀال هيٺ آيو. ميري (1558- 1553ع) جيڪا هينري اٺين جي زال هئي، تنهن ايڊورڊ ڇهين جي دؤر ۾ مذهبي جهڳڙا ڪرايا، جنهن ڪري برطانيا ۾ پوپ جا اختيار بحال ٿيا ۽ پراٽيسٽنٽ فرقي جي ماڻهن جو قتل عام ڪرايو ويو. ان کان پوءِ ايلزبيٿ برطانيا جي راڻي ٿي .
ايلزبيٿ کان پوءِ، تخت جي حقدار اسڪاچ ملڪ ميري هئي؛ پنھنجي مڙس جي موت کان پوءِ، هوءَ اسڪاٽ لئنڊ واپس اچي تخت نشين ٿي. اسڪاٽ لئنڊ ۾ سندن خلاف بغاوت ٿي تہ هوءَ، فرانس مان ٿيندي واپس برطانيہ پهچي وئي. سندس خلاف ڪيٿولڪ عقيدي وارن مختلف سازشون ڪيون هيون، جن جي الزامن هيٺ ايلزبيٿ، ميري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏي. ايلزبيٿ جي عھد جو هڪ وڏو واقعو 1588ع ۾ اسپين جي جنگي ٻيڙي جي شڪست هئي. ايلزبيٿ کي آئرلئنڊ ۾ ڪيترين ئي شورشن جو مقابلو ڪرڻو پيو. ان دؤر ۾ هن ڪيترين ئي برطانوي شهرين کي آئرلئنڊ ۾ مقيم ڪرائي ڇڏيو. ايلزبيٿ جو دؤر، برطانوي تاريخ ۾ هڪ بهتر دور سمجهيو وڃي ٿو. ايلزبيٿ جي وفات کان پوءِ، اسڪاچ ميريءَ جو پٽ، جيمس پنجون، شاھہ اسڪاٽ لئنڊ جيمس پهرئين جي نالي سان برطانيا جي تخت تي ويٺو. جيمس پهريون، اهل علم پر ڪوتاھہ نظر هو؛ رومن ڪيٿولڪ عقيدي وارن کي، ايلزبيٿ جي دؤر ۾، جيڪي شڪايتون هيون، انهن جي ازالي نہ ٿيڻ ڪري، انهن بغاوت ڪري وڌي. نہ صرف ڪيٿولڪ عقيدي وارن، پر پراٽسٽنٽ عقيدي وارن سان پڻ جيمس جو سلوڪ چڱو نہ هو. جيسمس اول جي پٽ چارلس پهرئين، فرانس جي دوستيءَ جي فائدن کي مدنظر رکندي، اسپين سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنگ جي خرچن لاءِ چارلس، عوام کان جبري قرض وصول ڪيا ۽ جڏهن ان مان بہ ڪم نہ ٿيو تہ 1628ع ۾ هن پنھنجي ٽين پارليامنيٽ طلب ڪئي، جنهن وڃي رقم منظور ڪئي. 1629ع ۾، چارلس، ايليٽ کي قيد ڪري، پارليامينٽ کان بغير حڪومت هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. يارهن سالن تائين مطلق العناني جو دؤر رهيو. هُن مختلف قسم جي غيرقانوني رقمن وصول ڪرڻ جي مھم شروع ڪري ڇڏي. اهڙيءَ صورتحال ۾ عوام ۾، بادشاھہ خلاف نفرت وڌڻ لڳي. نتيجي ۾ مخالفت ڪرڻ وارن ماڻهن کي سزائون ڏنيون ويئون. چارلس کان اسڪاٽ لئنڊ وارا بہ ناراض هئا، جنگ ۾ چارلس کي ناڪامي ٿي ۽ چارلس کي فوجي خرچ ڀري ڏيڻا پيا. 1640ع ۾ چارلس، پارليامينٽ سڏائي، جيڪا تاريخ ۾ طويل پارليامينٽ جي نالي سان مشھور آهي، جيڪا 40 سالن تائين برقرار رهي. پارليامينٽ سان وري، چارلس جا لاڳاپا خراب ٿيا ۽ آخر پارلياماني فوج ۽ بادشاهي فوج وچ ۾ جنگ لڳي. بادشاهي فوج هارايو ۽ چارلس گرفتار ٿيو. بعد ۾ پارليامينٽ صرف آزاد جماعتن جي رڪنن تي مشتمل هئي. عدالت ۾ چارلس خلاف مقدمو هليو، جنهن عدالت 1659ع ۾ چارلس جو سر قلم ڪري ڇڏيو. چارلس جي موت کان پوءِ، بادشاهيءَ جو خاتمو آڻي، دولتِ عامه جو قيام عمل ۾ آندو ويو. حڪومت لاءِ رمپ جي 41 رڪنن جي مجلسِ سلطنت چونڊي وئي. 1653ع ۾ هڪ نئين پارليامينٽ ترتيب ڏني ويئي، جنهن ۾ نہ صرف برطانيا پر اسڪاٽ لئنڊ جي ميمبرن کي پڻ شريڪ ڪيو ويو. ان دؤر ۾ ”ڪرامول“ کي لامحدود اختيار ڏنا ويا. 1658ع ۾ ڪرامول جي وفات کان پوءِ سندس پٽ رچرڊ ڪرامول، جانشين ٿيو؛ چند مهينن کان پوءِ، فوج سندس تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. 1660ع ۾ هڪ نئين پارليامينٽ منعقد ٿي، جنهن چارلس ٻئي کي تخت نشين ٿيڻ لاءِ، فرانس مان اچڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي. چارلس ٻئي جي 60- 1658ع ۾ تخت نشينيءَ کان پوءِ، طويل پارليامينٽ جو خاتمو آيو ۽ 1661ع ۾ ٻي پارليامينٽ مقرر ٿي. 1668ع ۾ وليم، برطانيہ تي وارد ٿيو. وليم جي دؤر ۾ مذهبي فرقيواريت ختم ٿي ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي اصلاحي ڪم ڪيا ويا. ان پارليامينٽ جو عرصو، هڪ قانون تحت ٽي سال رکيو ويو. بعد ۾ جيمس ٻئي جي ڌيءُ، ملڪہ اين جي تخت نشيني ٿي. بعد ۾ آسٽريا جي وراثت جي جنگ ٿي ۽ برطانيه، يورپ ۾ جبل الطارق (جبل الٽر) ۽ مائي ناريڪا ۽ آمريڪا ۾ نوواسڪوشيا ۽ نيوفائونڊ لئنڊ وارا حصا حاصل ڪري ورتا. ملڪہ اين جو جانشين وري جارج پهريون ٿيو ۽ 1715ع ۾ جيمس ٽئين کي تخت تي ويهاريو ويو. 1716ع ۾ پارليامينٽ جي مدت ٽن سالن مان وڌائي ست سال ڪئي ويئي. بعد ۾ هڪ وزير وال پول کي پهريون وزيراعظم بڻايو ويو. وال پول، 1739ع ۾ اسپين سان جنگ جو اعلان ڪيو، پر جنگ ۾ ناڪاميءَ جي ڪري، 1742ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. بعد ۾ جارج ٻئي جو پوٽو جارج ٽيون تخت نشين ٿيو. 1783ع ۾ جارج ٽئين، وليم پٽ، کي وزيراعظم مقرر ڪيو. 1798ع ۾ آئرلئنڊ ۾ بغاوت وڌي وئي، سال 1800ع ۾، وليم پٽ، بغاوت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ، آئرلئنڊ ۽ برطانيہ ۾ اتحاد وارو قانون پارليامينت مان پاس ڪرايو. 1801ع ۾ جارج ٽئين جي بيماري ڪري، سندس پُٽ جارج چوٿون، سلطنت جو نائب مقرر ٿيو، جيڪو 1820ع ۾ پيءُ جي وفات کان پوءِ تخت نشين ٿيو. جارج چوٿين کان پوءِ، سندس ڀائٽي وڪٽوريه تخت نشين ٿي. راڻي وڪٽوريه جي عھد (1837-1901) وڏي خوشحالي وارو دور هو، قانون ۾ اصلاح ٿي تہ اقتصادي قانونن سان ڪيتريون ئي بدترين سماجي بدعنوانين جو خاتمو ٿيو. نئين لبرل پارٽيءَ جي اثر سان غلاميءَ جو خاتمو ٿيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، هندستان ۾ تجارت جي بهاني 1857ع تائين پوري برصغير کي سلطنت برطانيہ جو حصو بڻائي ڇڏيو هو. (ڏسو: انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني) .
1901ع ۾ وڪٽوريه جي بيماريءَ دوران سندس پٽ ايڊورڊ ستين کانئس تاج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن 1910ع تائين حڪمراني ڪئي. هن وقت برطانيہ جي راڻي ايلزبٿ- II آهي، جيڪا 1952ع ۾ تخت نشين ٿي .