برده شريف: حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن حضرت ڪعب بن زهير رضہ کي قصيدي پڙهڻ تي جيڪا ڪپڙي جي چادر انعام ۾ ڏني هئي، ان کي ’برده‘ سڏيو ويندو آهي. اها چادر مختلف دورن کان پوءِ هلاڪو خان جي هٿ آئي، جنهن اُها ساڙائي ڇڏي، پر ڪن جو چوڻ آهي تہ اها چادر اڄ بہ قسطنطنيه ۾ موجود آهي. البوصيريءَ جي مشھور قصيدي جو نالو بہ ”بُرده“ آهي، ڇو تہ هن خواب ۾ ڏٺو تہ پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم اها چادر سندس ڪلهي تي رکي. ان وقت بوصيري معذور هو ۽ خواب ۾ چادر ڪلهي تي پوڻ کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هن قصيدو لکيو، جنهن کي ”برده“ چيو وڃي ٿو. عربيءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن بہ قصيدي يا نظم کي اهڙي شھرت نہ ملي آهي. هيءُ قصيدو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ سنڌي زبان ۾ پڻ هن قصيدي جا ڪيترا ئي منظوم توڙي نثري ترجما ڇپيا آهن. قصيده برده جو منظوم سنڌي بيتن ۾ علامہ علي محمد مهيريءَ ترجمو ڪيو آهي .