
بدڪ

بدڪ

بدڪن جو جوڙو نر ۽ ماد
بَدڪ: هيءُ پاڻيءَ جي پکين جو هڪ وڏو ڪٽنب آهي، جنهن ۾ کوڙ ڪٽنب ۽ قسم آهن. سائنسدانن هن ڪٽنب جي پکين جو ڪافي غور سان مشاهدو ڪيو آهي ۽ کين عادتن ۽ رنگ روپ جي بنياد تي جدا جدا جنسن ۾ ورهايو آهي. هن گروھہ جو وڏي ۾ وڏو پکي راج هنس آهي، جيڪو مانسرور ڍنڍ ۾ ٿيندو آهي. هنج پکي جا ٻيا بہ قسم آهن جيڪي سياري ۾ گرم علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا آهن. ننڍين بدڪن جا بہ کوڙ قسم آهن. جن جا سنڌي نالا هن ريت آهن:
گَرو ھنج (Graylag Goose/ Anser anser)
قـاز (Bar-headed Goose/ Anser indicus)
للو ھنج ، مُنگهه، کٽئين، سرخاب (Brahminy Duck/ Tadorna ferruginea)
باتشاھه، لال سر رتبو (Red-crested Pochard / Netta rufina) ٿرهـانـڊو، ٿـورانـدو (Common Pochard / Aythya ferina Nyroca feina)
ھنجر (Spotbill / Anas poecilorhyncha)
ڊگوش ڪوڪڙالي ((Pintail or Northern Pintail / Anas acuta
هُراڙو ، ڪَرڙو، چيڪلو (Common Teal / Anas crecca)
چُـوئي (بدڪ) (Marbled Teal / Marmaronetta or Anas angustirostris)
ٽـُٻڻو ( (Garganey / Anas querquedula
نيرڳ، نيرڳي بدڪ ((Mallard / Anas platyrhynchos
ڦاڙهائو بدڪ ((Wigeon / Anas Penelope
لنگهو، ڳهڻو، اليپت ( (Nothern Shoveller/ Anas clypeata
ٻُـوئر، ٻُـوئري، ٻُئاري، ٻُھر، ٻـُرڙ ((Gadwall / Anas strepera
رُونهارو (Tufted Duck or Pochard / Aythya fuligula, Nyroca fuligula)
ٻُـرڻـو (White-eyed Pochard, Ferruginious Duck / Aythya nyroca)
ٻـُرڻو (وڏو) (Greater Scaup / Aythya marila)
چيھہ (Lesser Whistling-duck Dendrocygna_javanica)
ڪڪڙ وانگر پالتو گهريلو پکي بہ آهي، يورپ ۾ ان جي فارمنگ بہ ٿئي ٿي ۽ ان جو گوشت ڪڪڙ وانگر عام خوراڪ طور کائيندا آهن. ڀٽائيءَ جو بيت آهي:
هنج مڙيئي هنجهہ، ميرو منجهن ناھہ ڪو،
جتي رهن سنجهہ، سو سَرُڪن سُرهو!