
بدرالدين جي ٽڪري
بدرالدين جي ٽڪري: هيءُ ماڳ 27037'06" ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 68056'40" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ڳوٺ بدر الدين ڀٽي، ديھہ اروڙ، تعلقي اروڙ، ضلعي سکر ۾ موجود آهي. ڪالڪان ديويءَ جو مندر هن جي سامهون ڏکڻ ۾ ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي، روهڙي شھر هن ماڳ جي اتر اولھہ ۾ ڇھن ڪلوميٽرن تي، جڏهن تہ سکر شھر اتر- اولھہ ۾ 8 ڪلوميٽرن تي آهي. ماڳ ڊيگهہ ۾ 300 ميٽر، ويڪر ۾ 153 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 25 ميٽر آهي. هي ماڳ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ نئين ٻڌل ڳوٺ بدرالدين ڀٽيءَ جي الهندي ڪناري سان آهي، جڏهن تہ ماڳ جو ڏکڻ وارو حصو نئين قبرستان جي والار هيٺ آهي. ٺڪراٺي جو گهڻو تعداد مٿاڇري تي پکڙيل آهي، جڏهن تہ پٿر جي اڏاوتن جي بنيادن جا نشان بہ ملن ٿا، جيڪي چن سان پلستر ٿيل آهن. هتان ملندڙ وٿن ۾ ڪافي تعداد ۾ پکڙيل ٺڪراٺو مٿاڇري تي ملي ٿو، جيڪو سادو ۽ چٽيل آهي. ٺڪر سنهو ۽ وچولي بت جو آهي. ٺڪر تي جياميٽريائي چٽ، گل ٻوٽا، ڄاري چٽ، اڀيون ليڪون، پنن جا چٽ، جهيريل لهريوار نشان، ٽُڪ جا نشان، اڱوٺي جا نشان وغيرہ موجود آهن. ٺڪراٺي تي چٽ ڪاري ليڪي ۽ گهري ڳاڙهي ليڪي سان ڏنا ويا آهن. ڪن ٺڪرن تي ڳاڙهو رنگ بہ ملي ٿو، جڏهن تہ سنهو ليپو (سادو ۽ جهيريل) پڻ ناسي رنگ جو ٺڪر لڌو ويو آهي. ڪجهہ ٺڪر اهڙو مليو آهي، جنهن کي مشھور ماڳ تلمبا سان ڀيٽي سگهجي ٿي. مٿاڇري تان لڌل ٺڪر کي جاچي اندازو ڪيو ويو آهي تہ هيءُ ماڳ 9 صدي عيسويءَ کان 11 صدي عيسويءَ جو آهي.