بخشڻ سومرو: حيدرآباد شھر جو مشھور درزي ٿي گذريو آهي. جنهن جو درزڪو دڪان تلڪ چاڙهيءَ جي مُک روڊ تي هو. استاد بخشڻ سومري جي دڪان جو ٺهيل ٿري پيس سوٽ (يعني ڪوٽ، پتلون ۽ ويسٽ ڪوٽ) مشھور هو. پاڻ نہ صرف اعليٰ ڪٽائي ڪندڙ هو، پر سبڻ جو بہ ماهر ڪاريگر هوندو هو. وٽس دڪان تي 10 کن ٻيا ڪاريگر ڪم ڪندا هئا. سندس دڪان تي گرم ولائتي ۽ پاڪستاني ڪپڙو بہ رکيل هوندو هو، جيڪو ”فائن ڪلاٿ اسٽور“ سڏبو هو.
استاد بخشڻ شڪارپور جو ويٺل هو، پر درزڪي ڪم ۾ سندس استاد هڪ پنجابي ماستر ڪرم الاهي هو. استاد بخشڻ سان گڏ ٻيو بہ هڪ شاگرد عنايت ﷲ مغل ساڳئي استاد وٽ ڪم سکندو هو، جنهن پوءِ ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي ”مغل ٽيلرز“ نالي سان وڏو نالو ڪڍيو. استاد بخشڻ پنهنجو جدا دڪان پهرين ڪوئيٽا ۾ کوليو، پر زلزلي کان پوءِ حيدرآباد شھر ۾ اچي درزڪو دڪان کوليائين. ان وقت سنڌ جو تعلق بمبئيءَ سان هو. استاد بخشڻ جي هاڪ پري پري تائين هئي، انهيءَ ڪري نہ صرف سنڌ جي ٻين شهرن مان، پر بمبئيءَ مان بہ اُتي جا وڏا آفيسر ۽ هندو ديوان وٽانئس ڪپڙا سبائيندا هئا. سندس گراهڪن ۾ شھيد ﷲ بخش سومرو، مخدوم طالب الموليٰ، مير غلام علي خان، مير بندہ علي ٽالپر، پيرزادو عبدالستار، مير رسول بخش ۽ مير علي احمد خان ٽالپر، حاجي مولابخش سومرو، رحيم بخش سومرو، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، غلام دستگير پانڌياڻي، قاضي عابد، خان بھادر محمد صديق ميمڻ وغيرہ جا نالا مشھور آهن.
استاد بخشڻ جا پنهنجا شاگرد بہ مشھور ٿي گذريا آهن، جيئن استو مولابخش ابڙو، غلام حيدر ابڙو ۽ استو خدابخش جيڪو 85 سالن جي عمر ۾ سال 2000ع تائين معلومات موجب حيات هو ۽ تلڪ چاڙهيءَ تي پنهنجو دڪان ”آئيڊيل ٽيلرز“ جي نالي هئس. هو بہ وڏو درزي هو.
استاد بخشڻ 1967ع ۾ وفات ڪئي. کيس شڪارپور ۾ دفنايو ويو. هن پنھنجي اولاد جي بھترين تربيت ڪئي. سندس ٽيئي پٽ اعليٰ تعليم يافتہ آهن. جيئن تہ وڏو پٽ ڊاڪٽر عطامحمد سومرو، شروع ۾ آرمي ۾ ڊاڪٽر ٿيو ۽ پوءِ سعودي عرب (رياض) ۾ 30 سالن کان ملازم آهي. ٻيو پٽ ڊاڪٽر سعيد احمد سومرو، تنهن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري انگلينڊ مان حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي ڊپارٽمينٽ مان پروفيسر طور رٽائر ٿيو.