بخشو لغاري

بخشو لغاري: تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديھہ. جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن، ’دودو ملهاڻي‘، ’وڏل شاھہ‘، ’بخشو لغاري‘، ’گل حسن سريوال‘، ’منگهيو‘، ’نياز علي بروهي‘، ’ڪولهين جا گهر‘، ’عبدالرحمان ٽالپر‘، ’سکيو بروهي‘، ’گل حسن لنڊ‘، ’امام بخش لنڊ‘، ’علي بخش بروهي‘، ’لغارين جا گهر‘ ۽ ’سريوالين جا گهر‘. هتي جي آبادي هزارن ۾ آهي ۽ هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا اسڪول آهن. بخشو لغاري ڳوٺ ۾ مشھور قومي ڪارڪن چاچو محمد علي لغاري رهاڪو آهي. بخشي لغاريءَ ڳوٺ ڀرسان ”گڙنگ“ جا مشھور ماڳ آهن، جن کي ڀٽائيءَ بہ ڳايو آهي: چيهو چکيءَ ۾ ٿيو، ٿيا گڙنگ مٿي گُل (شاھہ)


لفظ بخشو لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو