بختاور ڀٽو زرداري

بختاور ڀٽو زرداري

بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ماءُ بينظير ڀٽو جي تصوير سان

بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ماءُ بينظير ڀٽو جي تصوير سان

بختاور ۽ آصفه زيبسٽ ۾ ڪنهن تقريب ۾

بختاور ۽ آصفه زيبسٽ ۾ ڪنهن تقريب ۾

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجن ٻارن بلاول، آصفه، ۽ بختاور سان گڏ

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجن ٻارن بلاول، آصفه، ۽ بختاور سان گڏ

بختاور ڀٽو زرداري

بختاور ڀٽو زرداري: پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور جو جنم 25 جنوري 1990ع ۾ ٿيو، هوءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ کان ننڍي ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ کان عمر ۾ وڏي آهي. هن وقت اسڪاٽ لينڊ جي مشھور يونيورسٽي ’ايڊنبرگ‘ ۾ زير تعليم آهي. هوءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عورتن واري ونگ جي اڳواڻ پڻ آهي، ان حوالي سان هن جي والد آصف علي زرداريءَ، پاڪستان جي صدر چونڊجڻ بعد سندس وڌيڪ همت افزائي ڪئي. بختاور پنھنجي والدہ جي شهادت وقت پاڪستان آئي هئي. ان کان پوءِ هن جو پنھنجي وطن ڏانهن اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. تازو هن شھيد ماءُ جي ڏک ۾ پنھنجي انگريزيءَ ۾ ڪيل شاعريءَ کي جديد موسيقيءَ ۾ پاڻ ڳائي، کيس خراج پيش ڪيو آهي، ان گيت کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، جنهن جو عنوان آهي ”I would take the pain away...’...“ هيءُ گيت 6 جنوري 2009ع تي رليز ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمئن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1990.01.25  عيسوي

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور جو جنم 25 جنوري 1990ع ۾ ٿيو.


2009.01.06  عيسوي

تازو هن شهيد ماءُ جي ڏک ۾ پنهنجي انگريزيءَ ۾ ڪيل شاعريءَ کي جديد موسيقيءَ ۾ پاڻ ڳائي ، کيس خراج پيش ڪيو آهي ، ان گيت کي تمام گهڻو ساراهيو ويو ، جنهن جو عنوان آهي ” I would take the pain away . . . ’ . . . “ هيءُ گيت 6 جنوري 2009ع تي رليز ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد خير شاھہ
افتخار محمد چوڌري جسٽس
عبدالقادر محمد حسين
احمد علي جمالي
برهمچاري پرڀوداس
مرزا محمد عيسي بيگ ترخان
امام بخش صابر
امداد علي شاھہ ڄاموٽ
عزيز بلوچ
زيب النساء
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون