
بختاور شهيد ڪتاب
بختاور شھيد (ڪتاب ):سنڌ جي امر شھيد هارياڻي مائي ”بختاور شھيد“ جي زندگيءَ ۽ جدوجھد تي هن نالي سان، سيد خادم علي شاھہ جو لکيل ڪتاب، ڊيمي سائيز جي 87 صفحن تي مشتمل، 2007ع ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (پائلر) ڪراچيءَ پاران شايع ڪيل اهي. ڪتاب جي ڪا بہ قيمت رکيل نہ آهي. هن ڪتاب ۾ ٽين هاري ڪانفرنس، هارين جي سڌاري واري تحريڪ ۽ پسمنظر، هاري حقدار تحريڪ، سنڌ ۾ هارين جي هلچل، شھيد بختاور جي سوانح حيات، شھد بختاور- عدالتي فيصلو، جو کيڙي سو کائي ۽ ٻيا عنوان شامل آهن. ڪتاب جو پيش لفظ، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پائلر، ڪرامت عليءَ لکيو آهي.