
مستور فاطمه بخاري

اياز گل
بخاري، مستور فاطمہ: ليکڪا ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهر، مستور بخاريءَ جو جنم روهڙيءَ ۾ سيد محبوب علي شاھہ جي گهر ۾ 8 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو. کيس شروع کان آثار قديمہ جي علم سان دلچسپي رهي. ايم. ايس. سي (آرڪيالاجي) 1983ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪري بعد ۾ 1987ع کان ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي شعبي ۾ ليڪچرر طور پڙهايائين، جتي هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن 2000ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجي ۾ ايم. فل ڪئي آهي ۽ سندس پي ايڇ. ڊي مڪمل ٿيڻ واري آهي، جنهن جو عنوان آهي ”سنڌ ۾ مختلف دؤرن جي عقيدن تي ٻڌمت جي ثقافتي اثر جي ارتقا“. ايم.فل توڙي پي ايڇ.ڊيءَ ۾ سندس گائيڊ مشھور آرڪيالاجسٽ احمدحسين داني مرحوم رهيو آهي. 1996ع کان هيستائين ڪيترن ئي تحقيقي پراجيڪٽن جون ذميواريون پڻ نڀائي رهي آهي، جھڙوڪ: ’لاکين جي دڙي‘ جي کوٽائيءَ ۾ ٽيم ميمبر (1997ع)، ’ڀانڊي قبي‘ جي کوٽائيءَ وقت ڊپٽي ڊائريڪٽر (1998ع)، اتر سنڌ ۾ ’ٻوڌي دور جا انگ اکر‘ گڏ ڪرڻ وقت مکيہ کوجنا ڪندڙ (2000ع).هن وقت سکر ۾ پنھنجي وَر اياز گل سان رهي ٿي.
1959.12.08 عيسوي
بخاري ، مستور فاطمه: ليکڪا ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهر ، مستور بخاريءَ جو جنم روهڙيءَ ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ۾ 8 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو . کيس شروع کان آثار قديمه جي علم سان دلچسپي رهي .