سيد محسن شاهه بخاري

سيد محسن شاهه بخاري

بخاري سيد محسن شاھہ

بخاري، سيد محسن شاھہ: سيد محسن شاھہ بخاري، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاھہ بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل ايل بي حيدرآباد لا ڪاليج مان ڪيائين. هو شاگرديءَ واري زماني کان پ پ سان واڳيل رهيو ۽ شاگرد تنظيم سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران جمهوريت لاءِ جدوجھد ڪندي قيد پڻ ڪاٽي چڪو آهي. هو 1988، 1990، 1993، 1997 ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر رهيو ۽ وزير خوراڪ پڻ رهيو. چين، فرانس، ڪوريا، سعودي عرب، آمريڪا، انگلينڊ ۽ ازبڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي. 2008ع واري چونڊ کٽڻ کانپوءِ زراعت ۽ چوپائي مال بابت سنڌ اسيمبلي جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر رهيو. پاڻ 13 جنوري 2012ع تي ڪينسر جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.04.24  عيسوي

سيد محسن شاهه بخاري ، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو . هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز ٻرڙو
ڀائي مردانا
کيمچند شرما
ڀاون سنگهہ جي تلريجا
شير بخشو
سيد محمد عالم شاھہ عالم
سھجرام توشڪچي
انو سولنگي
تلڪ بال گنگاڌر
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون