بحري جهاز جو آڳاٽو نمونو

بحري جهاز جو آڳاٽو نمونو

بحري جهاز ان جا حصا

بحري جهاز ان جا حصا

مسافر بحري جهاز

مسافر بحري جهاز

مال بردار بحري جهاز

مال بردار بحري جهاز

بحري جهاز، پاڪستان نيوي جو جنگي جهاز

بحري جهاز، پاڪستان نيوي جو جنگي جهاز

بحري جھاز

بحري جھاز: سمنڊ ۾ هلندڙ جهازن کي بحري جھاز چيو ويندو آهي. انساني ارتقا دوران جڏهن انسان وڌيڪ سمجهدار ٿيو ۽ ڪاٺيءَ کي پاڻيءَ ۾ ترندي ڏٺائين، تہ پوءِ هو ڪاٺين ذريعي دريائن ۽ سمنڊن ۾ ترڻ لڳو. انسان جيئن جيئن ترقي ڪندو ويو، تيئن هن ڪاٺين کي گڏي کُڏ جيان ٻيڙيءَ جو بنياد وڌو ۽ ان تي ويهي سفر ڪرڻ لڳو ۽ ان ذريعي سامان کڻڻ شروع ڪيائين. اهڙيءَ طرح انسان ترقي ڪري ٻيڙي ٺاهي. تاريخ مان پتو پوي ٿو تہ 6300 ق.م ۾ پهرين ٻيڙي ٺاهي ويئي، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا. 400 ق. م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو. ان سان اهو فائدو ٿيو، جو ٻيڙي درياءُ جي اوڀاري طرف بہ هلڻ لڳي. ان کان پوءِ جنگين ۾ بہ ان جي اهميت وڌي وئي. واپار جي لحاظ سان پڻ ڪارائتي ثابت ٿي. 1200 ق. م ۾ يونانين ۽ فنيڪين، ميڊيٽيرين سمنڊ تي قبضو ڪري وڏن ٻيڙن سان واپار شروع ڪيو. جڏهن تہ 100 ق. م ۾ رومين هڪ وڏو بحري ٻيڙو ٺاهيو هو. جنهن جي ڊيگهہ 180 فٽ ۽ ويڪر 45 فٽ هئي. سنڌو تھذيب جي آثارن مان پڻ پتو پوي ٿو تہ تڏهوڪي دور ۾ بہ سنڌي ماڻهن جو ٻيڙن ذريعي پرانهن ملڪن سان واپاري رستو هو. 1736ع ۾ ٻيڙيءَ جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو ۽ ان کان پوءِ تہ فرانس ۽ برطانيہ ۾ ٻيڙين ٺاهڻ جون ڪمپنيون کلي پيون. رابرٽ فلٽن ارڙهين صديءَ ۾ تارپيڊو ۽ آبدوزي جھاز تيار ڪيا. هاڻوڪي دؤر ۾ پاڻيءَ جا جھاز مسافرن ۽ واپار لاءِ ڪارامد ذريعو آهن. ان کان سواءِ فوجي سگهہ لاءِ بہ بحري جھاز ڪتب اچن ٿا، جنهن جو مثال پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي آهي.


لفظ بحري جھازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

6300.00.00  قبلِ مسيح

. اهڙيءَ طرح انسان ترقي ڪري ٻيڙي ٺاهي . تاريخ مان پتو پوي ٿو ته 6300 ق . م ۾ پهرين ٻيڙي ٺاهي ويئي ، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا . 400 ق . م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو .


0400.00.00  قبلِ مسيح

. اهڙيءَ طرح انسان ترقي ڪري ٻيڙي ٺاهي . تاريخ مان پتو پوي ٿو ته 6300 ق . م ۾ پهرين ٻيڙي ٺاهي ويئي ، جنهن جا آثار ماهرن ڳوليا . 400 ق . م ۾ مصرين ڊگهين ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج وڌو ۽ پوءِ سڙهن جو استعمال ڪيو .


1200.00.00  قبلِ مسيح

1200 ق . م ۾ يونانين ۽ فنيڪين ، ميڊيٽيرين سمنڊ تي قبضو ڪري وڏن ٻيڙن سان واپار شروع ڪيو


0100.00.00  عيسوي

جڏهن ته 100 ق . م ۾ رومين هڪ وڏو بحري ٻيڙو ٺاهيو هو . جنهن جي ڊيگهه 180 فٽ ۽ ويڪر 45 فٽ هئي


1736.00.00  عيسوي

1736ع ۾ ٻيڙيءَ جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو ۽ ان کان پوءِ ته فرانس ۽ برطانيه ۾ ٻيڙين ٺاهڻ جون ڪمپنيون کلي پيون . رابرٽ فلٽن ارڙهين صديءَ ۾ تارپيڊو ۽ آبدوزي جهاز تيار ڪيا . هاڻوڪي دؤر ۾ پاڻيءَ جا جهاز مسافرن ۽ واپار لاءِ ڪارامد ذريعو آهن .



جهاز - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آگبوٽ
بحري جھاز
جهاز ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون