بجار خان ڊومبڪي

بجار خان ڊومبڪي: خان ڊومبڪي'>بجار خان ڊومبڪي اصل ۾ قلات جي هڪ حصي ”ڪڇيءَ“ جي بلوچ خاندان مان هو. شروع ۾ هو خانہ بدوش ٿي رهيو، پر پوءِ ضلعي دادوءَ جي ڦلجيءَ ۾ اچي آباد ٿيو. هتان ئي هن فوجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. سنڌ کي انگريزن جي قبضي کان بچائڻ خاطر گوريلا جنگ ڪيائين. سندس هٿ هيٺ خاصي تعداد ۾ بلوچ فوج هئي، جنهن سان گڏجي هو وڙهندو رهيو. کيس انگريز سرڪار طرفان ڪيتريون ئي آڇون ڪيون ويون، پر هي بھادر انسان نہ مڙيو. نيٺ مجبور ٿي انگريزن، ڪيهرن ۽ کوسن جي مدد سان ڦلجيءَ تي حملو ڪيو ۽ درياھہ خان جکراڻيءَ سان گڏ هيءُ مجاهد بہ گرفتار ٿيو. 1870ع ۾ انگريز فوج کي افغانستان جي محاذ تي شڪست ملي ۽ بجار خان آزاد ٿيو. هو 1872ع کان 1875ع تائين ڪڇيءَ جو بي تاج بادشاھہ ٿي رهيو. 13 جنوري 1875ع تي سر وليم ميري ويدر، مير علي مراد خان جي مدد سان، بجار خان سان وڙهيو، جنهنڪري 17 جون 1875ع تي هو گرفتار ٿيو ۽ نيٺ جيل ۾ وفات ڪيائين.


لفظ بجار خان ڊومبڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1870.00.00  عيسوي

بجار خان ڊومبڪي 1870ع ۾ انگريز فوج کي افغانستان جي محاذ تي شڪست ملي ۽ بجار خان آزاد ٿيو .


1875.01.13  عيسوي

13 جنوري 1875ع تي سر وليم ميري ويدر ، مير علي مراد خان جي مدد سان ، بجار خان سان وڙهيو ، جنهنڪري 17 جون 1875ع تي هو گرفتار ٿيو ۽ نيٺ جيل ۾ وفات ڪيائين .


1875.06.17  عيسوي

13 جنوري 1875ع تي سر وليم ميري ويدر ، مير علي مراد خان جي مدد سان ، بجار خان سان وڙهيو ، جنهنڪري 17 جون 1875ع تي هو گرفتار ٿيو ۽ نيٺ جيل ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال عبدالناصر
رمضان ساريو
ڀڳوانداس ميرچنداڻي
سلمان طاهرعلامه
ٻڍل بيگ ميرزا
اي ڪي هنگل
ڪلياڻ آڏواڻي
حاجي علي شاھہ هنڱورو
ترخان مرزا غازي بيگ
ميرڻ فقير سولنگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون