بت، مجسمو

بت، مجسمو

گوتم ٻڌ جو مجسمو

گوتم ٻڌ جو مجسمو

بت

بُتُ: بدن، جسم، پٿر، مٽيءَ، ٽامي، پِتل وغيرہ مان ٺهيل بوتو. هيءُ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ٽن معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي: مندر، پگوڊا ۽ ٻُڌ، ڪنهن بہ بُت جي لاءِ ضروري ناهي تہ اُهو ٻُڌ جو ئي هجي. پگوڊا جي معنيٰ ۾ ان جي استعمال جو نمايان مثال ”عجائب الهند“ ۾ ملي ٿو. الجاحظ، المسعوديءَ، البيرونيءَ ۽ شهرستانيءَ جهڙن مصنفن بہ ”بُت“ جي معنيٰ ٻڌ يعني گوتم ٻُڌ ڪئي آهي. ملتان جو پرهلاد مندر، جيڪو ”سون جي گهر“ جي نالي سان مشھور هو، ان جي باري ۾ المسعودي ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ هندن جي حساب موجب ٻڌ
جو ظھور ڪروڙين سال پهرين ٿيو هو. البيرونيءَ کي برهمڻ بت جي باري ۾
تہ سٺي معلومات هئي، ليڪن ٻڌ جي باري ۾ کيس خبر ڪانہ هئي.
علامہ شهرستاني، ٻڌ ۽ اُن جي سکيا جي تعريف هن طرح ڪري ٿو تہ ”ٻڌ هن ئي دنيا جو هڪ فرد آهي، جيڪو نہ تہ پيدا ٿئي ٿو، نہ ڪي شادي ٿو ڪري، نہ کائي پيئي ٿو، نہ پوڙهو ٿئي ٿو، نہ مري ٿو. پهريون ٻڌ، هجرت نبويءَ کان پنج هزار سال اڳ ظاهر ٿيو هو، ٻڌ جي پيروڪارن جو عقيدو آهي تہ دنيا کي دوام حاصل آهي ۽ انسان پنھنجي اعمالن جي سزا جزا ٻي زندگيءَ ۾ حاصل ڪري ٿو.“
مسلمانن جي معلومات ٻڌ جي باري ۾ بلڪل ابتدائي هئي، تنهن هوندي بہ هيءَ ڳالھہ قابل ذڪر آهي تہ جبل آدم (سرانديپ) جي باري ۾ ٻڌمت جي هن روايت کي قبول ڪيائون، جنهن موجب جبل آدم جي چوٽيءَ کي گوتم ٻڌ سان نسبت ڏني وئي. جيئن اڳ ذڪر اچي چڪو آهي تہ ”ٻُڌ“ لفظ ڪڏهن ڪڏهن ”بت“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. الجاحظ، ”بدُکُويرُ“ کي ”ڪُوير جو بُت“ سمجهي ٿو. صاحب ”اخبار الصين والهند“، ’بُد‘ کي ’بُت‘ ٻڌائي ٿو، جنهن جي هندستان ۾ پوڄا ڪئي وڃي ٿي ۽ ان تي ناريون صدقو ڏينديون آهن. ’الدمشقي‘ ان جو حال صحيح طرح سان قلمبند ڪيو آهي، ۽ خاص اُن پوڄا واري شيءِ ( يوني ۽ لنگم) کي ”بُد“ چيو آهي.


لفظ بتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو