
ببر شينهن
بَبَر شينهُن: مشھور جانور، جيڪو ”جهنگ جو بادشاھہ“ سڏيو وڃي ٿو. شينهن جو هڪ قسم، جنهن کي ڪيهر شينهن يا ٻيلائي شينهن بہ چوندا آهن. آفريڪا ۽ ايشيا جو جهنگلي جانور، جيڪو نسل ۾ ٻليءَ جي خاندان مان آهي ۽ جنهن جي کل گهڻو ڪري نارنگي يا ميٽوڙي رنگ جي ٿئي ٿي. هن جانور جي ڊيگهہ اٺن کان ڏهن فوٽن تائين ٿئي. هيءُ جانور گهڻو ڪري رات جو شڪار ڪندو آهي. هيءُ جانور آفريڪا ۽ ڏکڻ اولھہ ايشيا ۾ لڀندو آهي. هيءُ زرد ۽ ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن جي کل تي وار ننڍا ننڍا ٿيندا آهن. نر ببر شينهن جي ڳچيءَ تي ڪاري ڪڻڪ رنگي ٻُر ٿيندي آهي. ببر شينهن، اڪثر وڏن گاھہ خور جانورن جو شڪار ڪندو آهي، تن ۾ سندس پسنديدہ جانور هرڻ، پٽا پٽي گڏھہ ۽ ٻيا جانور آهن. خاص ڪري پوڙهو ۽ ڪمزور شينهن ماڻهوءَ تي بہ حملو ڪندو آهي. شينهن جوڙو ٺاهي رهندو آهي ۽ پنھنجي عيال لاءِ شڪار ڪرڻ جون حدون مقرر رکندو آهي. وڏي شڪار وقت منظم گروھہ ۾ حملو ڪندو آهي.