
باک جو آواز
باک جو آواز (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري دانشور، اديب ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي تحريرن تي مشتمل آهي، جنهن کي منصور مزاري مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ عبدالواحد آريسر جون مختلف وقتن ۽ موقعن تي ڪيل تقريرون ڏنيون ويون آهن. جن ۾ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي سان رچايل رهاڻ ۽ جي ايم سيد جي سالگرھہ جي موقعي تي تقرير ۽ نيشنل ڪانگريس سان ڪيل ڳالهيون وغيرہ شامل آهن. جڏهن تہ عبدالواحد آريسر جا ٻہ انٽرويو ۽ قومي ثقافت ۽ سائين جي ايم سيد بابت مضمون پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري صحافي ۽ اديب واحد ڪانڌڙي ۽ بئڪ ٽائيٽل مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جو لکيل آهي. 112 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد مئي 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 210 روپيا آهي.