
بايو گئس
بايو گئس: توانائي حاصل ڪرڻ جو آسان ذريعو. چؤپائي مال جي ڇيڻي ۾ پاڻي ملائي، هوا بند کَڏَ ۾ ڍڪڻ سان ان ۾ گئس پيدا ٿيندي آهي، جنهن کي ”بايو گئس“ (Bio-gas) چئبو آهي. گرمين ۾ پاڻي ۽ ڇيڻي جو مقدار 1: 2 جي تناسب سان رکبو آهي ۽ سياري ۾ 1: 1 جي تناسب سان. صحيح گئس ٺھڻ جو مدو 1 کان 15 ڏينهن هوندو آهي. هن گئس ۾ بوءِ ڪانہ ٿيندي آهي. ٻرڻ سان ان مان نيري رنگ جو شعلو نڪرندو آهي. بايو گئس جي ترڪيب سنڌ ۾ ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج ايجاد ڪئي. حڪومت ٻيلن جي ٻارڻ بچائڻ، سئي گئس ۽ گاسليٽ جي کاپي گهٽائڻ لاءِ بايو گئس جي ترڪيب جي همت افزائي ڪئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ قرض جي اسڪيم بہ منظور ڪئي، پر عام ماڻهن ان طرف جوڳو ڌيان نہ ڏنو.