باوِلي: هڪ قسم جو کُوھہ، جنهن ۾ هيٺ لھڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل هجي. سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي باوليون ٺهيل هيون، جيڪي هن وقت سم جي ڪري تباھہ ٿي ويون آهن. موجودہ وقت ۾ نموني طور هڪڙي باوِلي اڃا تائين قائم آهي. ٿي سگهي ٿو تہ ٻين هنڌن تي بہ صحيح سلامت هجن، پر ننگر ٺٽي ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي سيد ابراهيم شاھہ سجاوليءَ جي ٺهرايل باوِلي ۽ بنگلو اڃا سلامت آهن. باوِليءَ ۾ ويڪري مُنهن وارو کوھہ يا واٽ بہ ٿئي. کوھہ جي تري تائين وڃڻ لاءِ پاسي کان گولائيءَ ۾ ڏاڪڻ ٺهيل هوندي آهي، جنهن تان لھي پاڻيءَ تائين پهچبو آهي. باوِليءَ مان ڀُوڻ ذريعي يا رسي سان پاڻي ڪونه ڀربو، پر هيٺ لھي وڃي پاڻي ڀربو آهي.