بائُوديرو: هن نالي سان ضلعي ۽ تعلقي مٽياريءَ ۾ هڪ ديھہ موجود
آهي. هن ديھہ ۾ ’باهو ديرو‘، ’بقادار شاھہ جي وسي‘، ’شھمير جي وسي‘،
’عبدل پنهور’، ’پريو پنهور‘، ’احمد ميمڻ‘، ’ڪرم شاھہ‘ ۽ ’دادو مير بحر‘ جي
نالي سان ڳوٺ شامل آهن. ڳوٺ باهو ديري جي آبادي هزارن ۾ آهي. هتي پرائمري اسڪول بہ موجود آهن. گڏوگڏ نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ ۽ بس اسٽاپ بہ آهي.