بالزاڪ: بالزاڪ 1799ھہ/1850ع ڌاري فرانس جو جڳ مشھور ناول نويس بالزاڪ هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن قانون جي تعليم حاصل ڪئي. تصنيف ۽ تاليف جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ پيرس ۾ رهڻ لڳو. هن شروع ۾ سنسني خيز ناول ڇپائي زبردست شھرت حاصل ڪئي. هن باسٽيل جي زوال کان 1848ع جي انقلاب تائين فرانسيسي معاشري جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ۽ هر طبقي ۽ هر پيشي جي فردن جي جذبن کي اجاگر ڪيو. سندس مشھور ناول ويران ۽ انڌايرا گهر آهن .