باغ فردوس

باغ فردوس: ضلعي جيڪب آباد ۾ ڳوٺ خدابخش لغاريءَ جي سامهون، محمد شفيع شجري هڪ باغ ٺهرايو هو، جيڪو ’باغ فردوس‘ نالي سان مشھور آهي. شجري ڪو وقت افغانستان ۽ ايران ۾ گذاريو هو. فارسي ٻولي اُتان سکي آيو هو. شجري جو لقب بہ پاڻ تي اُتان رکائي آيو. عام طرح آغا شجري سڏيندا هئس. ڪجهہ وقت کان پوءِ هن کي باغ تيار ڪرڻ جو شوق ٿيو، سو مرحوم محمد امين کوسي کيس پنھنجي ڪڙين جي ڪناري تي هڪ کوھہ کڻائي ڏنو ۽ زمين باغ لاءِ منظور ڪرائي ڏني. کوھہ جو افتتاحي ڪوڏر لپو حضرت پير شيخ عبدالرحمان صاحب ڀرچونڊي شريف واري اچي هنيو ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ باغ ٺهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو