باغي ڍوري وارو دڙو

باغي ڍوري وارو دڙو: هيءُ دڙو ديھہ ”باغي ڍوري“ تعلقي ميرواھہ، ضلعي خيرپور ۾ ٺريءَ جي شھر کان پنجن ميلن جي فاصلي تي آهي. هتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي. هن دڙي جي هيٺان ڪِيڻ وهائيندي ٽي پراڻا کوھہ هٿ آيا آهن. اهو دڙو ۽ کوھہ شرف الدين پنجابيءَ ڳوٺ جي ڀرسان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو