
باشو
باشو (Basho ):باشو، شاعريءَ جي صنف هائيڪو (Haiku) جو عظيم شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو پورو نالو ميتسو باشو هو. هن جپان جي صوبي اگا (Iga) جي شھر يونو ۾ جنم ورتو . هن ۾ ننڍي هوندي کان ئي شاعر بڻجڻ جون خوبيون موجود هيون. 1666ع ۾ پنھنجي ڳوٺ يونو کي ڇڏي، ايڊو (Edo) (هاڻي ٽوڪيو) ۾ اچي رهڻ لڳو. هن هائيڪو شاعريءَ ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪـــئي، ايــتريقدر جـــو هائيـــڪو بھترين قسم جي شاعريءَ جي هيئت طور سموري جپاني عوام ۾ مقبول ٿي ويو. هن 1684ع کان سڄي دنيا جو دورو شروع ڪيو، پر جتي بہ ويو ۽ جن بہ حسين نظارن کان متاثر ٿيو، تن کي لکندو ويندو هو. ايتريقدر جو هڪ بھترين سفرنامو تيار ڪري ورتائين. سندس سفرنامو ادب ۾ بھترين اضافو تصور ڪيو وڃي ٿو. باشو جپاني شاعريءَ ۾ هڪ وڌيڪ صنف رينگا (Renga) جو بہ اضافو ڪيو. صديون گذرڻ باوجود باشو کي اڄ بہ جپاني شاعريءَ جو روشن تارو سمجهيو وڃي ٿو. هن اوساڪا ۾ وفات ڪئي.