بازنطيني سلطنت (Byzantine Empire ):اوڀر روم ۾ هڪ مشھور سلطنت، جنهن جي گاديءَ جي هنڌ جو نالو ”بازنطيم“ (Byzantium) هو. ان ڪري هي سلطنت بازنطيني مشھور ٿي. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن عظيم رومي سلطنت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ حصو اولھہ روم واري سلطنت ۽ ٻيو حصو اوڀر روم واري سلطنت سڏيو ويو، جيڪا بعد ۾ بازنطيني سلطنت سڏي وئي، اولھہ روم واري سلطنت اڳتي هلي وري ڪيترين ننڍين بادشاهتن ۾ ورهائجي وئي، پر اوڀر روم واري يعني بازنطيني سلطنت ڪيترين صدين تائين قائم رهي. سن 330ع ۾ رومي شهنشاھہ ڪانسٽنٽائين (Constantine) بازنطيم جو نالو بدلائي پنھنجي نالي سان ان تي قسطنطنيا (Contantonople) رکي ڇڏيو، جنهن جي معنيٰ ”ڪانسٽنٽائين جو شھر“ آهي. ان کانپوءِ انهيءَ شھر کي پنھنجي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي ڇڏيائين، پر سن 1930ع ۾ ترڪ حڪومت، هن شھر جو نالو تبديل ڪري ”استنبول“ (Istanbul) رکي ڇڏيو. بازنطيني سلطنت ۾ جيڪي ملڪ شامل هئا، تن ۾ ايشيا مائنر، مصر، ٿريشيا ۽ يونان جا ڪجهہ حصا اچي ٿي ويا. سن 395ع ۾ هيءَ سلطنت بہ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، 500ع ۾ بلقان جي سلاوي قبيلن ۽ جرمنيءَ جي ونڊال قومن بازنطينين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪيئي حملا ڪيا. شهنشاھہ جسٽينن اقتدار سنڀاليو تہ ان سان گڏ بازنطيني سلطنت وري عروج حاصل ڪيو، هن جي ملڪہ (زال) ٿيوڊرا (Theodora) بہ هڪ لائق ملڪہ طور سندس مدد ڪئي. جڏهن 527ع ۾ شهنشاھہ جسٽينن وفات ڪئي تہ ان سان گڏ وري بازنطيني سلطنت بہ لوڏن ۾ اچي وئي. ستين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ طرف اتر واري لمباري (Lombardy) علائقي ۾ آباد قوم ۽ ايرانين تہ ٻئي طرف عربن انهيءَ سلطنت تي هڪٻئي پويان حملا شروع ڪري ڏنا. نيٺ 643ع تائين فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ قبرص مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويا. اهڙيءَ طرح اها سلطنت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ رڳو يونان تائين محدود ٿي وئي.
1453ع ۾ ترڪيءَ جي بادشاھہ سلطان محمد ٻئي (1432ع-1481ع) قسطنطنيا تي قبضو ڪري بازنطيني سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. انهيءَ جنگ ۾ بازنطيني سلطنت جو آخري بادشاھہ ڪانسٽنٽائين يارهون پليو لوگس جي ميدان تي جنگ وڙهندي مري ويو. ان سان گڏ بازنطيني سلطنت جو هميشہ لاءِ خاتمو اچي ويو.