بارگاھہ2: هن نالي سان ضلعي سکر ۾ هڪ ديھہ ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي. تعلقي روهڙيءَ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺ ڄاڻايل ڳوٺ آباد آهن: ’رياض آباد‘، ’مٺو مَهر‘، ’صوڀو مھر‘، ’عيدن آباد‘، ’سلطان پتڻ‘، ’اوتارو رمضان فقير‘، ’شهبازي چاچڙ‘، ’جنگ مشين‘، ’اِرِيگيشن بنگلو‘. ساڳئي تعلقي جي ديھہ چڪ نمبر 5 ۾ ’بارگاھہ‘ نالي سان هڪ ڳوٺ آباد آهي.