باراڻ بارڻ

باراڻِ/ بارَڻِ: سنڌ جي مشھور نئن جو نالو باراڻ / بارڻ، جيڪا کيرٿر جي ڏاکڻين ڇيڙي وٽ موجود ماٿري جي ٻئي پاسي کيرٿر جبل جي ڪڇ ڏئي هڪ ميدان ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي آهي، جنهن جي اولھہ ۾ ”ڪانڀو“ ۽ ”لڪي“ جبل جا سلسلا آهن. هيءَ نئن ٻنهي سلسلن سان گڏ وهي، ٻولهاڙيءَ وٽ سنڌونديءَ ۾ پوندي آهي. هيءَ نئن ”بارڻ“ جي نالي سان مشھور آهي ۽ سنڌ جي طويل ۽ تيز ترين نئين مان هڪ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو