
باراني پوک
باراني پوک: مينهن جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ پوک کي ”باراني“ پوک چوندا آهن. ڪامياب باراني پوک لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن کان پندرهن انچ سالياني برسات هجڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ ٿر ۽ ڪوهستان وارا خطا گهڻو ڪري باراني پوک تي مدار رکن ٿا. چوندا آهن تہ ”وُٺو تہ ٿر، نہ تہ بر“. سنڌ ۾ سالياني بارش وڌ ۾ وڌ پنج انچ ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن تہ لاڳيتو سالن جا سال برسات ڪانہ پوي. انهيءَ ڪري اهي علائقا سدائين ڏڪار واريءَ حالت ۾ هوندا آهن. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ باراني پوک ۾ تِرَ، مُڱ، جوئر ۽ ٻاجهر جو فصل، گوار، گدرا، ريڀڙ ۽ ڇانها ٿيندا آهن.