
بادگير
بادگيرُ: هوا جي ڇڪڻ لاءِ ڇت ۾ ٺهيل منگهہ. حيدرآباد شهر، ٺٽي ۽ سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾، اونهاري جي مند ۾ ڏاڍي هوا لڳندي آهي، ان هوا کي گهر ۾ اندر ڇڪي آڻڻ لاءِ ڇت ۾ هڪڙي ڪنڊ ۾ چورس سوراخ ڪري، مٿان ڪُنڊائين ننڍڙي ڇت ڏيئي ڇڏيندا آهن: اهڙيءَ طرح جو ڪنڊائين ڇت جو رخ ڏکڻ- اولھہ ڪنڊ ڏانهن ٿئي. منگهہ مان لڳندڙ هوا واري ڪمري ۾ پکي وغيرہ جي ضرورت نہ رهندي آهي. هن کي روشندان بہ چوندا آهن.