باتل: تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ اسماعيل کوسو، حاجي عثمان خاصخيلي، شادي کوسو ۽ علي محمد مداح ڳوٺ آباد آهن.
هن ديھہ ۾ پراڻو قلعو اڏيل هو، جنهن جا ٻہ پاسا اڃا سلامت آهن. عام ماڻهو هن قلعي کي ”ميرن جو ڪوٽ“ چوندا آهن. آس پاس قديم آثار آهن، جِتي وڏو ڳوٺ هو. مشھور ”سِرڻيءَ جو ڪوٽ“ هتان اوڀر ۾ ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٿيندو. سرڻي ڪوٽ ۾ ٻڌڪا آثار آهن ۽ هتي هڪ وڏو اسٽوپا اڃا تائين بيٺو آهي.